مورو (ن پ ا) مورو باءِ پاس تي فوڊ کاتي جي عملدارن ڪارروائي ڪري ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ بعد ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٽرالر سوگھو ڪري ورتو ۽ 300 کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري ضبط ڪري ورتيون، ان سلسلي ۾ فوڊ انسپيڪٽر امداد مگسي جو چوڻ ھو ته چيڪ پوسٽون ختم ڪيون ويون آھن، جڏهن ته ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آھن، هن چيو ته ڳجهي اطلاع تي ڪڻڪ ذخيرو ڪري مورو کان ڪراچي منتقل ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بنائي، هن چيو ته سموري ڪڻڪ سرڪاري دودام ۾ رکرائي وئي آهي،