مانجهند: ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ ۾ تڪرار، آڊيو وائرل

0
266
مانجهند: ايس ايڇ او

مانجهند (ن پ ا) مانجهند ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ ۾ منشيات فروش تي  ڪيس داخل ڪرڻ تان تڪرار واري آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ايس ايڇ او صادق سولنگي ۽ اي ايس آءِ علي بخش چانڊيو ۾ منشيات فروش مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تان اختلاف پيدا ٿي ويا

سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيل آڊيو ۾  اي ايس آءِ علي بخش چانڊيو پنهنجي بالا آفيسر ايس ايڇ او مانجهند جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي رليف ڪرڻ ۽ سندس خلاف رپورٽ ڪڍڻ کان بي پرواهه ٿي چيو ٿو ته مان اوهان جو حڪم نه مڃيندس، توهان ڀلي مون تي قانوني ڪارروائي ڪريو

سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيل آڊيو ۾ ايس ايڇ او مانجهند صادق سولنگي پنهنجي ٿاڻي جي اي ايس آءِ علي بخش چانڊيو کي منشيات واپرائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل منشيات فروش  مٿان هڪ ڪلو چرس هڻي ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ زور ڀري رهيو آهي

ايس ايڇ او جي ليڪ ٿيل آڊيو مطابق ايس ايڇ او اي ايس آءِ  کي ملڪ اسد سڪندر جي نالي سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته ملڪ  اسد سڪندر روبرو حڪم ڏنو هو ته مسئلو حل ڪر  يا ان مٿان  ڪيس داخل ڪر جيڪو حڪم ڪهڙي صورت ۾ مڃڻو آهي ليڪ ٿيل آڊيو  ۾ ايس ايڇ او پنهنجي زباني چوي ٿو

منشيات واپرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل منشيات فروش اڳ به  ٿاڻي تان فرار ٿي ويو هو عادي موالي ۽ چور آهي ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻو ناهي اي ايس آءِ حڪم مڃڻ کان  انڪار ڪندي چوي ٿو،  هيروئني ۽ موالي جيل وارا نه ٿا وٺن مان ان تي ڪيس داخل  نه ڪندس، جنهن تي ايس ايڇ او صادق سولنگي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اي ايس آءِ کي ڪيس داخل نه ڪرڻ جي صورت ۾ اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي

جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر مانجهند جي اسڪواٽ  دوران ڪلٽي ٿيل پوليس موبائيل پڻ اي ايس آءِ کي ٺهرائڻ جي لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي،  آڊيو ليڪ ٿيڻ بابت ايس ايڇ او مانجهند کان موقف وٺڻ جي لاءِ سندس نمبر تي ڪال ڪري رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايس ايڇ او جو نمبر بند هو

مانجهند ٿاڻي جي اي ايس آءِ علي بخش چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ ايس ايڇ او لاکا مان ننگر ڪاڇي نالي هيروئني کي گرفتار ڪيو هو جنهن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، ايس ايڇ او ان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ چيو منهنجي انڪار تي مون کي حراسان ڪري  ڌمڪيون ڏنيون هنيون آڊيو ڪٿا ليڪ ٿي آهي ان بابت مون کي ڪا به  ڄاڻ ناهي باقي آڊيو حقيقت تي ٻڌل آهي