مورو: جتوئين جي بنگلي تان قبضو ختم، مرتضيٰ جتوئي پاران شاهاڻين کي فيصلي جي آڇ!!

0
452

مورو: مورو ويجھو ڪچي جي علائقي ڪي ٽي جتوئي م ھلندڙ شاھاڻي جتوئي تڪرار دوران شاھاڻي برادري جي هٿياربند ماڻھن پاران ڪيل جتوئي ھائوس تي قبضو ايس ايس پي دادو ختم ڪرائي ڇڏيو، جنھن بعد غلام مرتضيٰ خان جتوئي پنھنجي برادري جي ماڻھن سان گڏ ڪي ٽي جتوئي پھتو، جتي ڊي ايس پي دادو نور محمد پڻ پھتو جنھن مرتضيٰ خان جتوئي کي ھاؤس جو قبضو حوالي ڪيو ۽ مرتضيٰ خان جتوئي پوليس کي شاھاڻي برادري جي ماڻھن پاران پوليس موجودگي ۾ ڪيل نقصان جا تفصيل ڏنا. غلام مرتضيٰ خان جتوئي چيو تہ ڪيٽي جتوئي م جيڪو واقعو پيش آيو ء ان کانپوءِ منھنجي بنگلي ء لانڍين تي قبضو ڪيو ويو جنھن تي ايس ايس پي دادو يقين ڏياريو تہ قبضو ختم ڪرائي کين ڏياريو ويندو جنھن ۾ بنگلو ڏياريو ويو آھي، باقي لانڍين تي اڃا قبضو برقرار آھي، اميد ٿا ڪريون تہ ٽن ڏينھن جي اندر جيڪو ناجائز قبضو آھي اھو ختم ڪرايو ويندو ٻي صورت اسان پاڻ قبضو خالي ڪرائينداسين ء ماڻھن کي بہ نہ ٿو روڪي سگھان.هن چيو ته اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو ويو آھي ان کان علاوہ فصل جي ڀيل پڻ ڪرائي وئي آھي جنھن وقت پوليس موجود ھئي ان وقت بنگلي ء لانڍين تان سامان کنيو ويو آھي.مرتضيٰ جتوئي چيو ته انسان جي جان وڌيڪ آھي اھا جتوئي جي ھجي يا شاھاڻي برادري جي جان ھجي انھي نقصان کان بچڻ لاءِ مون ھر برادري جي چڱي مڙس سان ڳالھايو آھي تہ فيصلو ڪري ڳالھين سان معاملو حل ڪيو وڃي اسان ھر حساب ڏيڻ لاءِ تيار آھيون.