شڪارپور: پالتو ڪتن کي زهر ڏيئي مارڻ تي سي ايم او سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل!

0
214

شڪارپور:نيو فوجداري ٿاڻي تي ٽن پالتو ڪتن کي زھر ڏيئي مارڻ تي چيف ميونسپل ڪاميٽي آفيسر سميت پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. چيف ميونسپل ڪاميٽي آفيسر عابد لطيف راجپوت، ملازمن سليم بروھي،شبير احمد سومرو،ذيشان شيخ،شبير احمد شيخ تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پالتو ڪتن جي مالڪ غلام سرور شر عدالت معرفت سي ايم او سميت پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ڪتن جي مالڪ جو چوڻ هو ته ڪتا گھر جي جانورن جي حفاظت لاء پاليا ويا ھئا جن کي ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن زھر ڏيئي ظلم ڪيو، قيمتي نسل جا ڪتا گھر ٻاھران وڻ ۾ ٻڌل ھئا تہ ڪتن کي ذھر ڏنو ويو.