موبائيل فون جون سمز بند ڪرڻ تي اسٽي آرڊر جاري نه ڪيو اٿئون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
24
شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب
شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته موبائيل فون جون سمز بند ڪرڻ تي اسٽي آرڊر جاري نه ڪيو اٿئون، حڪومتي پابندي وارو آرڊر اڃا برقرار آهي

 چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نان فائيلرز جون سمز بند ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته واضح ڪري ڇڏيان ته اسٽي آرڊر سمز بلاڪ ڪرڻ تي نه آهي، اسٽي آرڊر رڳو درخواست گذارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هو، حڪومت جو سمز بلاڪ ڪرڻ وارو آرڊر اڃا برقرار آهي

 جسٽس عامر فاروق چيو ته بهتر ٿيندو ته مرڪزي درخواست هڪ ڀيرو ئي ٻڌي فيصلو ڪيو وڃي، عدالت سمجهي سگهي ٿي ته حڪومت معاشي سڌارن تي ڌيان ڏئي رهي آهي

هن چيو ته هي قدم به ان سلسلي ۾ ئي کنيو ويو هوندو، عدالت ڪوشش ڪندي ته فيصلو جلد کان جلد ٿي وڃي، عدالت ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ تي اتفاق ڪري آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي ايندڙ مهيني جون تائين ملتوي