اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ لاڳو ٿيڻ بعد مهانگائي جي شرح ۾ اضافو، بجيٽ جي ٻئي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.01 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح مجموعي طور 33.12 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب هفتي دوران 51 بنيادي ضروري شين مان 29 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته 5 شين جا اگهه گهٽ ٿيا ۽ 17 شين جون قيمتون ساڳيون برقرار رهيون. جن شين جا اگهه وڌيا انهن ۾ پٽاٽا، بصر، مرغي، انڊا، دال، اٽو، چانهه پتي، گيهه، چانور، ٿوم، سگريٽ، ڳڙ، ماچيس شامل آهن.شماريات کاتي موجب گذريل هفتي دوران پگهاردار طبقي لاءِ سالياني بنيادن تي اضافو ٿيو، 17 هزار 732 رپيا ماهوار آمدني وارن لاءِ مهانگائي شرح 26.63 سيڪڙو وڌي ۽ 44 هزار 176 رپيا ماهوار آمدني رکندڙن لاءِ مهانگائي جي شرح 34.19 سيڪڙو وڌي وئي.