مهانگائي سٽيل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون

0
442
پاڪستان آءِ ايم ايف کي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائي سٽيل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، آئيل اينڊ گئس ريگيوليٽر اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب اوگرا طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ردوبدل جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي وئي آهي، جنهن ۾ پيٽرول في ليٽر قيمت هڪ روپيو 90 پيسا وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمتن ۾ 3 روپيا 25 پيسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، پر پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم عمران خان جي صلاح مشوري سان ڪندي..