ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار جيڪولين فرنينڊس کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ تي دهلي جي هڪ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب دهلي جي هڪ عدالت جيڪولين فرنينڊس کي ضمانت جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ انفورسمنٽ ڊائريڪٽريٽ کي دهلي جي هڪ عدالت ۾ سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پيو. عدالت جا ايجنسي کان سوال ڪيو ته اداڪارا کي هن وقت تائين گرفتار ڇو نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن ڪيس سان لاڳاپيل ٻيا ماڻهو هن وقت جيل ۾ آهن. جنهن تي عدالت ۾ انفورسمنٽ ڊائريڪٽريٽ ٻڌايو ته جيڪولين فرنينڊس ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها جاچ آفيسرن سان سهڪار نٿي ڪري. جيڪولين فرنينڊس جيڪا هن وقت عبوري ضمانت تي آهي، هن جي ضمانت جي درخواست تي عدالت جمعي ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي.