مني لانڊرنگ ڪيس جو جوابدار جيڪولين جو عاشق نڪتو

0
260
مني لانڊرنگ ڪيس

ممبئي (شوبز نيوز) ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ۽ فراڊ ڪيس جي جوابدار سڪيش چندرا شيکر دعويٰ ڪئي آهي ته هُن جي  اداڪارا جيڪولين فرنانڊس سان محبت هئي ۽ اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي. رپورٽ موجب اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ڪيترن ئي مهينن کان سڪيش چندرا شيکر خلاف 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ۽  فراڊ ڪيس ۾ انفورسمنٽ ڊائريڪٽوريٽ (اي ڊي) جي ريڊار تي آهي


جيڪولين کي ڪيس جي جاچ ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو آهي، سڪيش چندرا شيکر جي وڪيل ايڊووڪيٽ اننت ملڪ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته تمام غلط آهي ته منهنجي اصل کي الزام ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي ڏوهاري يا وري دغا ڪندڙ قرار ڏنو وڃي.هن چيو ته جيڪولين فرنانڊس کي هن ڪيس ۾ نه ڇڪڻ گهرجي.