تحريڪ انصاف کٽي آهي، طئه ٿي ويو آھي ته پرڏيهي فنڊنگ جو ڪوبه معاملو ناهي: فواد چوڌري

0
215
تحريڪ انصاف کٽي آهي
تحريڪ انصاف کٽي آهي، طئه ٿي ويو آھي ته پرڏيهي فنڊنگ جو ڪوبه معاملو ناهي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي فائنڊنگ ۾ واضح ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنڊنگ شفاف آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سمورين پارٽين جي فنڊنگ کي سامهون آندو وڃي

فواد چوڌري الزام هنيو ته نواز شريف ن ليگ جو اڪائونٽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو، ن ليگ جي اڪائونٽ مان 8 ڪروڙ رپيا ڪڍيا ويا، هو اليڪشن ڪميشن کان به چاهين ٿا ته پ پ ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ ڪئي وڃي

هن چيو ته ٻين پارٽين ۾ فنڊ وڏيرن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي ڪري ھلي ٿي.  اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل رپورٽ پي ٽي آءِ حڪومت کان پھريان جي آهي

هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي ڪي) جي اڪائونٽس جي اسڪروٽني نه ٿي رهي آهي

ان موقعي تي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس جي جاچ ڪري رهي آهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس جي به جاچ ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ماهرن جي جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽس اھڙاآهن جيڪي اليڪشن ڪميشن آڏو ظاهر نه ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آهي.پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽ  2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا، پيپلز پارٽي وٽ 34 ڪروڙ رپين جي چندي جو ڪو رڪارڊ ناهي.قانون موجب ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ٻئي پارٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي پر پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز، پارليامينٽرينپيپلزپارٽي جا خرچ برداشت ڪيا