منهنجو اڳوڻو مڙس ويڳو ڀاءُ به آهي: جويريه عباسي

0
652

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان جويريه عباسي چيو آهي ته سندس اڳوڻو مڙس شمعون عباسي هن جو ويڳو ڀاءُ به آهي، هڪ نجتي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته منهنجي والده ۽ شمعون عباسي جووالد پاڻ ۾ شادي ڪئي، جويريه عباسي پنهنجي والده جي پهرين مڙس مان هئي ۽ اهڙي طرح شمعون عباسي به والد جي پهرين گهرواري مان هو، ائين هي پاڻ ۾ ويڳا ڀيڻ ڀائر به آهن، هن چيو آهي ته ادڪاره انوشي عباسي اسان ٻنهي جي ڀيڻ آهي، ڇو ته هن جي والده جويريه جي ماءُ ۽ والد شمعون جو پيءُ آهي، واضح رهي ته جويريه عباسي ۽ اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ رائٽر شمعون عباسي جي طلاق ٿي چڪي آهي، ٻنهي جي هڪ ڌيءَ آهي انزله عباسي جيڪا ماڊل ۽ اداڪاره آهي..