مندر حملو ڪيس ۾ ٻار گرفتار، کيس ڪهڙ خبر ته مسلمان آهيان يا هندو؟

0
335
مٺي: چيف جسٽس جي آمد،

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ رحيم يار خان پوليس مندر حملو ڪيس ۾ 8 سالن جي نينگر کي گرفتار ڪري رمانڊ ورتو، ڇا ايس ايڇ او کي خبر نه هئي ته ٻار کي گرفتار ڪري رهيو آهي، ڇا 8 سالن جي ٻار کي خبر آهي ته هو هندو آهي يا مسلمان، اهڙي ايس ايڇ او کي نوڪري تان فارغ ڪرڻ گهرجي، معطلي سان سرڪاري آفيسرز جا مزا ٿي ويندا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ مندر حملي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان ريمارڪس ڏنا ويا آھن، عدالت طرفان رحيم يار خان جَي ڪمشنر جي ڪارڪردگي تي بي اطميناني جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪمشنر، ڊي سي ۽ ڊي پي او ڪم نٿا ڪري سگهن ته کين فوري هٽايو وڃي، واقعي تي پوليس جو پڇتاءُ ڏسي لڳي ٿو ته پوليس ۾ جوش ناهي رهيو، پنجاب پوليس ۾ پروفيشنل ماڻهو هجن ها ته هيل تائين مامرا حل ٿي وڃن ها، 8 سالن جي ٻار کي مبينا توهين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڇا پنجاب پوليس ۾ عقل ۽ شعور ناهي.