ممڪن آهي ته توهان مون کي آخري ڀيرو جيئرو ڏسي رهيا آهيو: يوڪريني صدر

0
277
ممڪن آهي ته توهان مون کي آخري ڀيرو جيئرو ڏسي رهيا آهيو: يوڪريني صدر
ممڪن آهي ته توهان مون کي آخري ڀيرو جيئرو ڏسي رهيا آهيو: يوڪريني صدر

ڪراچي (م ڊ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي يورپي اڳواڻن کي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو  آهي ته ممڪن آهي ته توهان مون کي آخري ڀيرو جيئرو ڏسي رهيا آهيو

يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف ۾ ٻي رات تائين ويڙهه جاري رهي، شهر ۾ گولين جي گونج سان سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇانيل رهيو

برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين روسي جهاز کي ڪيرائي تباهه ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 150 پيرا ٽروپرز سوار هئا

يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته روسي فوج اڄ راڄڌاني تي قبضو ڪرڻ لاء حملي لاءِ تيار آهي، شايد مون توهان کي آخري ڀيرو زنده ڏسي رهيا آهيو

صدر زيلنسڪي ڪيف ۾ پنهنجي هڪ وڊيو جاري ڪئي، چيو ته هو آخري دم تائين آزادي جو دفاع ڪندو

جڏهن ته يورپي يونين ۽ آمريڪا هن وقت تائين يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن، جڏهن ته برطانيه ۽ ڪينيڊا روس جي صدر ۽ پرڏيهي وزير تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن ۽ آمريڪا به پيوٽن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

نيٽو سيڪريٽري جنرل اسٽولن برگ جو چوڻ آهي ته هو اتحادين جي حفاظت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو

ھي به پڙھندا

 

روس سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو