ممتاز مولائي پاران سنڌ ڇڏي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو فيصلو

0
726

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) هم سنڌ ۾ رهني والي گيت سان شهرت ماڻيندڙ سنڌ جي فنڪار ممتاز مولائي پاڪستان ڇڏي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سندس وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي

ٽڪ ٽاڪ تي حوريم ممتاز آءِ ڊي تان ممتاز مولائي جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، اهو ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ممتاز مولائي جي ڌيءُ جو ٻڌايو پيو وڃي

جاري ڪيل وڊيو ۾ ممتاز مولائي چوي ٿو ته آئون اڄ جيڪو پيغام ڏئي رهيو آهيان اها منهنجي پوري زندگي جي ڪهاڻي آهي، آئون پاڪستان، پاڪستانين ۽ موسيقي جي دنيا سان پيار ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان، گورنر سنڌ، عدليه ۽ ميڊيا جو به ٿورائتو آهيان، پاڪ فوج کي به سلام ڪريان ٿو، سنڌ پوليس جي به ساراهه ڪريان ٿو

ممتاز مولائي چيو ته آئون ڪجهه شرپسندن جي ڪري ڏکايل آهيان، منهنجي چاهيندڙن جو انگ تمام گهڻو آهي، مون پنهنجي پوري ڪهاڻي ڪيپشن ۾ لکي آهي اها پڙهندا ان تي غور ڪندا

ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته ممتاز مولائي پاڪستان ڇڏي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آئون چاهيندڙن جو ٿورائتو آهيان جن جي سپورٽ ۽ پيار مون کي هن مقام تي پهچايو آهي

ممتاز مولائي چيو ته منهنجي غلطي آهي ته مون سنڌ جي ڪلچر کي متعارف ڪرايو، سڀني پاڪستانين کي هڪ ٿيڻ جو پيغام ڏنو، جنهن کي نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو، پر ڪجهه شرپسندن نفرت پکيڙي، جنهن ڪري آئون تمام گهڻو ذهني پريشانين ۾ مبتلا آهيان، پاڪستان ۾ منهنجا ٻار روز نئون فساد پکيڙيندڙن جي ڪري خوف ۾ رهن ٿا جنهن ڪري انهن جي تعليم به متاثر ٿي رهي آهي

ممتاز مولائي چيو ته مون کي رڳو شڪايت نفرت پکيڙيندڙن کان آهي، جن جي ڪري ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيو آهيان، مون پنهنجي خدا تي فيصلو ڇڏي ڏنو آهي، منهنجو قصور رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي ساراهڻ آهي ۽ اردو اسان جي قومي ٻولي آهي اها ئي منهنجي غلطي آهي جنهن جي سزا روز مون کي نئين انداز ۾ ملي رهي آهي،

ممتاز مولائي چيو ته ڪڏهن ڀتا خور گينگ جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪوڙيون خبرون هلائڻ جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪوڙن ڪيسن جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري منهنجي ٻارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي صورت ۾ سزا ڀوڳي رهيو آهيان، منهنجو انصاف منهنجو چاهيندڙ ڪندا، فتح سدائين سچ جي ٿيندي آهي

واضح رهي ته راڳي ممتاز مولائي کي دلبر کي ڪيئن پرچائبو آ ڪلام ڳائڻ تي عدالت 10 جولاءِ تي کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

وڪيل ارباب جهانگير انصاري طرفان خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ ناز پروڊڪشن جي مالڪ، ڳائڻي ممتاز چانڊيو عرف ممتاز مولائي، شاعر اياز ڀنگر، ڊائريڪٽر راجا رباني ۽ پروڊيوسر سنيل ڪمار خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي جيڪو ڪيس ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

تنقيد سان فرق نٿو پوي، فن ۾ رنڊڪون وجهڻ تي ڏک ٿيو: ممتاز مولائي