ممتاز مولائي خيرپور جي عدالت ۾ پيش، ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي: راڳي

0
597

خيرپور: فحش ڪلام ڳائڻ جي الزام هيٺ آيل راڳي ممتاز مولائي، شاعر ۽ ٻيا خيرپور جي عدالت آڏو پيش ٿيا آهن

ممتاز مولائي چيو آهي ته منهنجي ڳايل ڪلام ۾ ڪي به فحش لفظ نه آهن، سنڌي هجڻ سبب تنقيد ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي ماڻهن تنقيد جي صورت ۾ پيار ڏنو آهي

ممتاز مولائي چيو ته مون هاڻي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي

راڳي ممتاز مولائي، شاعر اياز ڀنگر ۽ ٻيا فورٿ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت آڏو پيش ٿيا

خيرپور جي وڪيل ۽ درخواست گذار ارباب جهانگير انصاري ممتاز مولائي ۽ ٻين خلاف پٽيشن داخل ڪرائي هئي

درخواست گذار جو  موقف آهي ته ممتاز مولائي جي ڪلام دلبر کي ڪيئن پرچائبو آ ۾ فحش لفظ استعمال ٿيل آهن