مديجي ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، شهري بغاوت جون ڌمڪيون ڇو پيا ڏين؟

0
324
مديجي ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، شهري بغاوت جون ڌمڪيون ڇو پيا ڏين؟
مديجي ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، شهري بغاوت جون ڌمڪيون ڇو پيا ڏين؟

مدئجي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن 7 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ رکيو، جڏهن ته پوليس ۽ ٻيا آفيسر مظاهرين کي منٿون ڪندا رهيا

ڳاهيجا مائينر،ڪلهوڙا شاخ ۽ جکرا شاخ جي آبادگارن حاجي آفتاب مڱريو، غلام نبي ڪاڪيپوٽو، علي گوهر جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪيو

ڌرڻي دوران آبادگارن سڙيل ساريالو ٻيجارو هٿن ۾ کڻي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعره هنيا

آبادگارن دانهيو ته اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، دانهڻ تي ظلم ڪيو پيو وڃي، تاريخ گواهه آهي جڏهن به ظلم وڌندو آهي ته بغاوت جنم وٺندي آهي، خدارا اسان کي بغاوت تي مجبور نه ڪيو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڪامورا آفيسرن ۾ ويهي نه سگهندا

آبادگارن الزام هنيو ته ايريگيشن انجينيئر، ايس ڊي او ۽ ٻين عملدارن رشوت عيوض پاڻي جو رخ مٽائي ڇڏيو آھي، رخ مٽجڻ ڪري ڳاهيجا مائينر، ڪلهوڙا شاخ ۽ جکرا شاخ ۾ پاڻي بند ٿي ويو آهي

آبادگارن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي  وڌيڪ چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري اسان جو ساريالو ٻيجارو سڙي رهيو آھي ۽ هن وقت تائين ساريالو فصل جو رونبون نه ڪري سگهيا آھيون

ايس ڊي ايم پاڻي جو مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد آبادگارن 7 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به چوماسي جا وسڪارا جاري، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو