ملڪ ۾ ڪورونا جا وار، 146 ماڻهو فوت، 4 هزار 96 نوان ڪيس ظاهر

0
294
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 146 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 18 هزار جي ويجهو پهچي ويو، جڏهن ته 4696 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ مجموعي ڪيسز 8 لک 25519 تائين پهچي ويو، جڏهن ته فعال ڪيسز جو انگ 90553 ٿي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ 3344 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک 17009 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 283560 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4645 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ مريضن جو تعداد 303182 آهي ۽ 8500 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 22369 ۽ فوتين جو انگ 236 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 75498 آهي ۽ هن وقت تائين 683 مريضن فوت ٿي چڪا آهن.