ملڪ ۾ حڪومت سازيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪوششون

0
33
ملڪ ۾ حڪومت سازيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪوششون

آخرڪار 8 فيبروري تي ملڪ اندر عام چونڊون ٿي ويون آھن. 8 فيبروري تي صبح اٺين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو پر هي ڪالم لکڻ وقت تائين پولنگ مڪمل ٿئي کي 25 ڪلاڪ ٿي چڪا آھن پر پوءِ به اڃان مڪمل طور قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي نتيجن جو اعلان نه ٿي سگهيو آھي. هي سٽون لکڻ تائين قومي اسيمبلي جي 266 جنرل سيٽن مان 224 سيٽن جا نتيجا اعلان ٿي چڪا آھن. سنڌ اسيمبلي جي ڪل 130 سيٽن مان 119، پنجاب اسيمبلي جي 297 تڪن مان  272، بلوچستان اسيبمبلي جي ڪل 51 تڪن مان 36 تڪن جا نتيجا اعلان ٿي چڪا هئا. جيتوڻيڪ مڪمل نتيجن جو اعلان نه ٿي سگهيو آھي پر ملڪ اندر وفاق ۾ حڪومت سازي توڙي صوبائي حڪومتن جي قيام جي حوالي سان گهڻي ڀاڱي صورتحال واضح ٿي چڪي آھي. اهو به واضح ٿي ويو آھي ته چونڊ نتيجن بعد فيصلا سازي جو محور طاقتور ڌريون ئي رهنديون ۽ طاقتور ڌرين لاءِ نتيجا وڻندڙ لڳي رهيا آھن. باقي نواز شريف جي خواهش جي ابتڙ نتيجا سامهون آيا آھن. نواز شريف ته چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ گهٽ ۾ گهٽ سادي اڪثريت گهري رهيو هو، جيڪا به کيس نه ملي سگهي آھي. شهباز شريف ته چونڊ کان اڳ اهو چيو هو ته اگر سادي اڪثريت ملي ته وزير اعظم جو اميدوار نواز شريف هوندو. ٻي صورت ۾ مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو. ڏسجي ته مسلم ليگ (ن) نواز شريف کي وزير اعظم جي اميدوار طور سامهون آڻي ٿي يا شهباز شريف هڪ ڀيرو وري وزير اعظم جي عهدي جو اميدوار ٿئي ٿو. ڏسڻو ته اهو به آھي ته هڪ ڀيرو وري پيپلز پارٽي، ‘ن’ ليگ جي قيادت ۾ حڪومت جو حصو ٿئي ٿي يا پيپلز پارٽي جي حڪومت جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري ٿي. چونڊن جي ٻئي ڏينهن تي اڳوڻو صدر آصف زرداري اسلام آباد پهچي چڪو آھي. آصف زرداري جون فيصلاڪن شخصيتن سان به ملاقاتون ٿيڻ جو امڪان آھي. ڏسجي ته جوڙ ٽوڙ جو ماهر تصور ٿيندڙ آصف زرداري ڪهڙي سياسي چال هلي ٿو، ڇو ته جيڪي انگ اکر سامهون آيا آھن، انهن کي سامهون رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته اگر مرڪز ۾ ‘ن’ ليگ جي حڪومت قائم ڪرڻي آھي ته ان لاءِ پيپلز پارٽي کي ان ۾ شامل ڪرڻ ضروري آھي. ٻي صورت ۾ ‘ن’ ليگ جي حڪومت جي قيام ۽ ان جي روان دوان رهڻ اڳيان مسئلا سامهون اچي سگهن ٿا.

پيپلز پارٽي کي اگر ڌڻين ‘ن’ ليگ حڪومت جو حصو ٿيڻ لاءِ چيو ته مفاهمت جي بادشاهه آصف زرداري لاءِ ڌڻين کي ناراض ڪرڻ مشڪل عمل هوندو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ جي حمايت سان چونڊجي آيل آزاد ميمبرن کي ملائي مرڪز ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿئي. ان جو ڌڻين کي به فائدو آھي، ڇو ته ان سان پي ٽي آءِ اقتدار ۾ هوندي. پي ٽي آءِ جي ان سان مظلوميت گهٽ ٿيندي. اگر ‘ن’ ليگ جي حڪومت قائم ٿئي ٿي ته ان سان پي ٽي آءِ پاران ‘ن’ ليگ سان گڏ اسٽبلشمينٽ تي به تنقيد ٿيندي رهندي. خير اهو ته واضح ٿي ويو ته پي ٽي آءِ کي اگر حڪومت جو حصو نه به بنايو وڃي پر پي ٽي آءِ جي آزاد گروپ کي اپوزيشن ليڊر ٿيڻ کان ڪو نٿو روڪي سگهي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو عهدو هجڻ جو مطلب حڪومتي فيصلن ۾ اهم ترين ڪردار هجي ٿو. ان ڪري عمران خان قومي اسيمبلي ۾ ميمبر طور موجود نه هجڻ باوجود اسيمبلي ۾ ان جو ذڪر به ٿيندو رهندو. ڪجھ ماڻهن جو خيال آھي ته پي ٽي آءِ جا جيڪي آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر ٿيا آھن، انهن مان ڪيترن کي ئي ڪنهن پارٽي ۾ شامل ڪرايو ويندو. ڌڻين جي دٻاءَ تي پي ٽي آءِ  جي حمايت سان ڪامياب ٿيلن ۾ ڪيترائي ميمبر ته ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ مشڪل آھي. ها پي ٽي آءِ اهڙن ميمبرن کي ڪنهن ننڍي پارٽي ۾ شامل ڪرائي سگهي ٿي. ان سان ان پارٽي کي آزاد ميمبر ملي سگهندا.

اوهان کي ٻڌايان ته سنڌ اسيمبلي جي تڪن جي آيل نتيجن مطابق پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي جي ضرورت نه آھي. اقليت جون سيٽون ملائي پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو تعداد سادي اڪثريت کان وڌيڪ ٿي ويندو. ائين ڪي پي ڪي اسيمبلي جي سامهون آيل نتيجن سان واضح ٿي ويو آھي ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر حڪومت ٺاهي ويندا. ان وٽ واضح اڪثريت آھي. باقي پنجاب صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن ۽ ‘ن’ ليگ جي ميمبرن جي تعداد ۾ ٻن ٽن ميمبرن جو ئي فرق آھي. پنجاب ۾ ‘ن’ ليگ کي حڪومت ملي به سگهي ٿي ۽ ‘ن’ ليگ کان اهو موقعو کسجي به سگهجي ٿو. اهو مامرو ڌڻين جي هٿ وس آھي. بلوچستان صوبي جي اڃان تائين صورتحال واضح نه ٿي آھي ته اتي ڪهڙي پارٽي حڪومت ٺاهي سگهندي. ان صوبي ۾ حڪومت ڪنهن جي ٺهندي، صورتحال واضح ٿي ويندي پر اهو واضح آھي ته اتي اتحادي حڪومت قائم ڪرڻي پوندي.

ملڪ اندر ٿيل عام چونڊن جي نتيجن ۾ جيڪي اسيمبليون اڃان قائم ٿيڻون آھن، اهي مدت پوري ڪري سگهنديون يا نه؟ ان بابت هاڻي کان ئي بحث شروع ٿي ويو آھي. بحث ته اهو به شروع ٿي ويو آھي ته چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ ڪمزور حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪري سگهندي؟ ڇا ملڪ جنهن معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي، ڇا ملڪ کي ان صورتحال مان ڪڍي سگهندي؟ انهن سوالن سان گڏ اهو به بحث ٿي رهيو آھي ته حڪومت سازي ۾ مدد جا گهرجائو، ملڪ اندر جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهندا؟

ڪالھ شام جو ميان نواز شريف پريس ڪانفرنس ڪئي آھي، جنهن ۾ هن ان شڪايت ته سادي اڪثريت ملي ها ته سٺو هو. سان گڏ سمورين پارٽين ۽ آزاد حيثيت ۾ کٽي ايندڙن جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ کين گڏجي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آھي. ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءَ شهباز شريف کي ٽاسڪ ڏنو آھي ته اهو آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ خالد مقبول صديقي سان اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ملاقات ڪري ڳالهيون ڪري. نواز شريف جو شهباز شريف کي ٽاسڪ ڏيڻ سان واضح ٿئي ٿو ته هو متوقع اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ذاتي طور ڳالهائڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي. اگر ائين نه هجي ها ته نواز شريف آصف زرداري ۽ ٻين سان ذاتي طور ڳالهيون ڪري ها، جنهن جي پنهنجي اهميت آھي. نواز شريف جيڪو ڳالهيون ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي، اهو وزير اعظم جو اميدوار ٿيو ته اتحادين کي ڪيئن هلائي سگهندو؟ ماڻهن کي اتحادي حڪومت جو قيام ڀلي ٿيندي نظر ايندو هجي پر ان لاءِ ٿرڊ فورس جي ضرورت پوندي، ڇو ته ن ليگ تي سخت تنقيد ڪندڙ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو لاءِ ن  ليگ جي سربراهي ۾  حڪومت ۾ هڪ ڀيرو وري شامل ٿيڻ مشڪل عمل آھي. ان حوالي سان تمام گهڻن مامرن جو فيصلو ڪرڻو پوندو. هڪ ته سينيٽ جي چونڊن بعد سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين جي عهدي توڙي صدرارتي اليڪشن جي حوالي به ڳالهيون طئه ڪرڻيون پونديون.