سنڌ جون حالتون ڪڏھن ۽ ڪيئن تبديل ٿينديون؟

0
34
سنڌ جون حالتون ڪڏھن ۽ ڪيئن تبديل ٿينديون؟

 76 سال گذري ويا، آخر اسان جون حالتون ڪڏھن ۽ ڪيئن تبديل ٿينديون؟ سنڌي قوم کي ان سوال تي ھاڻي سنجيدگيءَ سان ويچارڻو پوندو. خاص طور تي اھا ذميواري سنڌ جي دانشورن مٿان اچي ٿي ته اھي سنڌ کي ڪا واٽ ڏسين. ان موضوع تي ڪا سنجيده ڪانفرنس ڪري قابلِ عمل منصوبا بندي جوڙڻ گھرجي. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ملڪ سياست سان ئي تبديل ٿي سگھندا آھن، انڪري ھڪ مضبوط سياسي پارٽي جوڙڻي پوندي. ليفٽ جي ڌرين کي پاڻ ۾ وري ملڻو پوندو. ان لاءِ اھڙن قابل ماڻھن کي اڳتي اچڻو پوندو، جيڪي سنڌ جي سياست، سماجيات، تاريخ، ادب، معيشت سان سٺي واقفيت رکندا ھجن، جيڪي بھادر بہ ھجن، ايماندار به ۽ سنڌ لاءِ جذبو به رکن. اھڙن فردن ۾ اديب، صحافي، دانشور، وڪيل، استاد، ڊاڪٽر، اڪانامسٽ ٿي سگھن ٿا.ڪرپٽ ماڻھو ظاھر آھي ته ڪرپشن ئي ڪندا، چور چوريون ئي ڪندا ۽ شيطاني قوتون شيطاني ڪم ئي ڪنديون، تنھنڪري انھن جي ڪمن تي بحث ڪرڻ ۽ تن تي حيرت کائي وقت ضايع ڪرڻ بدران اچو ته اھو سوچيون ته اسان جيڪي سٺا ماڻھو آھيون ۽ اڪثريت ۾ به آھيون، سي گڏجي ڪھڙا مثبت ڪم ڪري ٿا سگھون، جيڪي عوام کي فائدو ڏئي سگھن ۽ شيطاني ڪمن جو ٽوڙ به ثابت ٿي سگھن. پنھنجي علم، عقل، ذھانت ۽ شعور سان اسان کي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻا پوندا، گھل گھوڙا ڪرڻ، ٻين کي پاراتا ڏيڻ، ماتم ۽ پٽڪو ڪرڻ سان اسان جا مسئلا ڪڏھن به حل ڪونه ٿي سگھندا.

هم ڀي زخمون ڪو هرا رکتي هين،

جيسي آئي گا مسيحا ڪوئي.

(امداد حسيني)

اھڙي صورتحال ۾ چپ ڪري ويھڻ، مايوسي جون ڳالھيون ڪرڻ يا انتظار ۾ ويٺو رھڻ کان بھتر آھي ته ڪو تحرڪ پيدا ڪجي. ان لاءِ اسان کي نيون شيون ڪرڻيون پونديون ۽ خاص طور تي پنھنجا طريقا بدلائڻا پوندا. ھن وقت عوام تيار ويٺو آھي. جيئن ئي انھن کي ڪا مضبوط پارٽي، اميدوار يا تبديلي نظر ايندي، سڀ ان جي آجيان ڪندا، ڇو ته سڀئي بيچين آھن ته انھن جو وقت بدلجي. ان لحاظ سان عوام ھڪ پيج تي آھي، تنھنڪري سڀني سڄاڻ ڌرين کي ان ايجنڊا تحت گڏ ٿيڻ گھرجي ۽ ان مقصد لاءِ ڪو گڏيل پليٽ فارم جوڙي ڪم جي شروعات ڪرڻ گھرجي. واٽس ايپ جا گروپ ٺاھيا وڃن، گڏجاڻيون ڪيون وڃن، سيمينار ڪرايا وڃن ۽ ھڪ ٿنڪ ٽئنڪ تيار ڪئي وڃي، جيڪا سماج جي رهنمائي ڪري سگھي.

ٻيو ته سدائين اسان اھا ڪوشش ڪئي آھي ته جيڪا گورنمينٽ آھي، ان کي ھٽائي ڪا اھڙي حڪومت آڻجي، جيڪا عوام جا ڪم ڪري، انھن کي رليف ڏئي. سڄي سياسي جدوجھد جو محور رڳو حڪومت مٽائڻ رھيو آھي. آئيڊيل گورنمينٽ ته شايد دنيا ۾ ڪٿي به نه ھجي. سڌريل ملڪن ۾ به حڪومت تي سخت تنقيدون ٿينديون آھن، ڌرڻا احتجاج ٿيندا رھندا آھن. تنھنڪري وڌيڪ بھتر ناھي ته سڄي توانائي حڪومت کي ھٽائڻ بدران انھن کي پنھنجا ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ تي لڳايون؟ سيٽ تي ظاھر آھي ڪو نه ڪو ته ويٺو ھوندو، پر جيڪو به ويٺو ھجي، ان کان پنھنجا ڪم ڪرايون. انھن کي ايترو تنگ ڪريون، جو ھو اسان جا ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي. سوشل ميڊيا اڄ جي دور ۾ سڀ کان اثرائتو ميڊيم آھي. جيڪڏھن سڄو ملڪ ڪنھن ھڪ ڳالھ تي بيھي رھي ته ڪو کڻي ڪيترو به طاقتور ھجي، ان عوامي طاقت آڏو بيھڻ ھن جي وس جي ڳالھ ئي نه ھوندي.

ٻاھرين ملڪن ۾ حڪمران عوام کان ڊڄندا آھن، اھو ئي انھن جي ترقي جو راز آھي. اسان کي سوچڻو پوندو ته اھڙو ڇا ڪجي جو حڪمران عوام کان ڊڄن. ان کان پوءِ ئي عوام پنھنجا سڀ ڪم ڪرائي سگھندو. حڪمران عوام کان فقط اليڪشن وقت ڊڄندا آھن، تنھنڪري اليڪشن پنجن سالن بعد نه پر جيترو جلد ٿينديون، حڪمران اوترو جواب ڏيڻ جو دٻاءُ محسوس ڪندا. سيٽ تي ويٺل ماڻھوءَ جي سڀ کان وڏي ڪمزوري سندس سيٽ ئي ھوندي آھي. جڏھن ھن کي اھو ڀئو ٿيڻ لڳي ته ھن عمل سان سندس سيٽ وڃي سگھي ٿي ته پوءِ ھو پنھنجي سيٽ بچائڻ لاءِ سڀ ڪم ڪري ٿو سگھي. ان لاءِ ئي اليڪشن جو وقت عوام لاءِ بھترين وقت ٿيندو آھي، جنھن مان ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي. تنھنڪري اسان کي مطالبو اھو ڪرڻ گھرجي ته ھاڻي اليڪشن جو مدو پنجن سالن مان گھٽائي چار سال ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ جمھوريت کي مضبوط ٿيڻ ۾ اڃان وقت لڳندو، تنھنڪري حڪومت جو مدو گھٽائڻ تمام ضروري آھي، جيئن اھو فلٽريشن جو عمل تيز ٿي سگھي. ٻيو ته ھاڻي جيڪا حڪومت اچي، ان کي پابند ڪجي ته اھا ھر سال جا ٽارگيٽ مقرر ڪري عوام کي ٻڌائي ۽ عوام به انھن کان سالياني ڪارڪردگيءَ جو جائزو گھرندو رھي. جيستائين اسان حڪومتن تي عوامي دٻاءُ نه وڌائينداسين، تيستائين ڪم نه ٿيندو.

توھان غور ڪريو ته اسان وٽ جن جڳھين تي ھر سال اليڪشن ٿيندي آھي، انھن ادارن جي ڪارڪردگي بھتر ھوندي آھي. جيئن ڪراچي آرٽس ڪائونسل، ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽي. سو اسان کي جن به ادارن کي بھتر بنائڻو آهي، اتي اھڙو ساليانو نظام آڻڻ گھرجي. ساڳي طرح گورنمينٽ کي ادارن جا سربراھ به ھڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن سالن لاءِ مقرر ڪرڻ گھرجن. ملڪ مضبوط سسٽم بڻائڻ سان ئي ترقي ڪندا آھن، جنھن لاءِ گڏيل ڪوششون تمام ضروري آھن. اسان وٽ ماڻھو ايترا ته مايوس آھن، جو انھن کي ڪا اميد ئي نه آھي ته ڪا بھتري اچي سگھي ٿي. تنھنڪري ھو سڀ ڪجھ قسمت جو لکيو سمجھي درگذر ڪري ٿا ڇڏين. انھن مسئلن کي نه لکن ٿا، نه رپورٽ ٿا ڪن. جيڪو به مسئلو ھجي، ان جي شڪايت ضرور درج ڪرايو. ان ۾ اوھان جو ته ڪو به نقصان نه آھي. ھاڻي ته ڊجيٽل دور آھي. سڀني ڊپارٽمينٽس جون اِي ميل موجود آھن، فقط اِي ميل ۾ مسئلو لکي موڪليون. جيڪڏھن جواب نه اچي ته ڪال ڪري شڪايت درج ڪرايو. جي ڪال تي ڪم نه ڪن ته ساڳي شڪايت پرنٽ ڪرائي آفيس ۾ جمع ڪرايون يا پوسٽ ڪريون. پوءِ به نه ٿئي ته فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي لکي ڇڏيو. جيستائين مسئلو حل نه ٿئي ته اھو سلسلو ھر ھفتي ورجائيندا رھو. اھو تمام سولو طريقو آھي، نه ان ۾ وڙھڻ آھي، نه جذباتي ٿيڻ، نه احتجاج، نه ڌرڻو، سو اھو طريقو آزمائڻ ضرور گھرجي. ماءُ به روئندڙ ٻار کي کير پياريندي آھي. سو جيستائين گھربو نه، ڪجھ ملندو به ڪونه.

اھو ٺيڪ آھي ته اسان وٽ حڪومت جي ڪارڪردگي تمام خراب آھي پر ان باوجود حڪومت جي سٺن ڪمن جي تعريف ۽ خراب ڪمن تي تنقيد ڪرڻ گھرجي. جيئن روڊ ٽٽڻ تي تنقيد ڪندا آھيون، تيئن روڊ ٺاھڻ تي تعريف به ڪجي. ايئن ئي سياسي پارٽيون، سرڪاري ادارا يا ڪا شخصيت ھجي، سٺن ڪمن جي تعريف ۽ خراب ڪمن تي تنقيد ڪرڻ گھرجي. ڪيڏي سادي پاليسي آھي پر اسان ان بابت به منجھيل ئي رھندا آھيون! جيستائين سٺين شين کي ھمٿائينداسين نه، ته اھي ڪيئن وڌي سگھنديون؟ سٺائي سٺائيءَ کي جنم ڏيندي آھي، بلڪل ايئن، جيئن ھڪ خراب واقعو ڏسي فوري طور چوندا آھيون ته زمانو ڪيڏو خراب ٿي ويو آھي. ساڳي ريت جڏھن اسان سٺا عمل ڪنداسين ته عوام جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ اھو وھنوار ٻين کي به سٺا عمل ڪرڻ لاءِ نياپو اماڻيندو.حڪومتن تي ڀاڙڻ بدران اسان کي پنھنجا پلان ۽ ايجنڊائون پاڻ تيار ڪري حڪومت اڳيان رکڻ گھرجن ته اسان کي ھي شيون گھرجن. ڇا اسان پنھنجا مطالبا چٽائيءَ سان پيش ڪيا آھن؟ اچو ته پنھنجي ايجنڊا پاڻ تيار ڪريون. تعليم، صحت، پاڻي، روزگار سماج جون بنيادي ضرورتون آھن، جن لاءِ مطالبا ڪرڻ تمام ضروري آهن. مثال طور: سنڌ ۾ فوري طور صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي، سڀني اسڪولن ۾ بليڪ بورڊ بدران ملٽي ميڊيا ذريعي سبق پڙھايا وڃن، روزگار لاءِ بنا وياج قرض ڏنا وڃن.عوام به عام طور تي پاڻ کي مختلف سياسي پارٽين ۾ ورھائي رکي ٿو ۽ ھڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ بدران ھڪٻئي سان مقابلي ۽ ويڙھ واري حالت ۾ رھي ٿو. ڇا اسان پارٽين کان مٿانھان ٿي ڪم نه ٿا ڪري سگھون؟ پاڻ کي ڇو ٿا پارٽين ۾ ورھايون؟ ھڪ ايجنڊا تي ملي ڪم ڪري نه ٿا سگھون؟ سول سوسائٽي کي به پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سياسي پارٽين کي به گھرجي ته سڄو سال عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندا رھن. فقط اليڪشن وقت سرگرم ٿيڻ سان اوھان جو ووٽ بئنڪ ڪڏھن به وڌي نه سگھندو.تبديلي جو عمل تمام سست رفتار ٿيندو آھي. رات وچ ۾ ته انقلاب اچي وڃڻ ممڪن ناھي ھوندو، تنھنڪري سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ وڏا نه سھي ته ننڍا ننڍا قدم ضرور کڻڻ گھرجن. سڄي عمر اسان انقلاب اچڻ جي انتظار ۾ وڃائي ڇڏيندا آھيون، جڏھن ته ھر ننڍو قدم، ننڍو انقلاب ئي ته ھوندو آھي.

[email protected]