ملڪ ۾ بجلي هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگي: نوٽيفڪيشن جاري

0
219
مهانگائي سٽيل عوام کي

اسلام آباد: حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان  بجلي ڪيرائي ڇڏي، هڪ مهيني لاءِ بجلي جي بلن ۾ 5 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ڊسمبر جي بلن ۾ شامل ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان واڌ ڪئي وئي آهي.  نيپرا موجب بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 74 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي، آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي. نيپرا موجب فيصلي جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه ٿيندو.

ھي بھ پڙھندا

نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو