ملڪي معيشت،آءِ ايم ايف جا شرط ۽ تجربي جا شوق

0
156
اڄ کان معاملا سڌا ٿيندا يا ڇڪتاڻ وڌندي؟

  اڄ 9 جون خميس ڏينهن تي موجوده اتحادي حڪومت  کي پورا 60 ڏينهن ٿي ويا آھن. هن اتحادي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئين ۾ ڏنل  بي اعتمادي جي رٿ ذريعي عمران خان جي حڪومت کي گهر موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو پر موجوده حڪومت جي سٺ ڏينهن جي ڪارڪردگي کي ڏسجي ٿو ته هن حڪومت بي اعتمادي جي رٿ واري قائم ٿيل رڪارڊ کان به وڏو  مهانگائي ڪرڻ وارو رڪارڊ قائم ڪيو آھي. عمران خان جي آگسٽ 2018ع ۾ جڏهن حڪومت قائم ٿي هئي ان وقت ملڪ ۾ پيٽرول جي في ليٽر  قيمت 92 روپيا 83 پيسا هئي عمران خان جي حڪومت 10 اپريل 2022ع تائين في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 57 روپيا 3 پيسن جو اضافو ڪري في ليٽر پيٽرول جي قيمت 149 روپيا 86 پيسن تي پهچائي ڇڏي. اوهان کي اهو به ياد ڏياريندو هلان ته عمران خان جي دور ۾ اهڙو وقت به آيو هو جو عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول مصنوعات جي قيمتون تاريخي طور تي سڀ کان وڌيڪ گهٽ ٿيون پر عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيل گهٽتائي جو عوام کي عمران حڪومت فائدو ڏيڻ بجاءِ في ليٽر تي پنجاھه روپين کان 60 روپين تائين ٽيڪس وصول ڪندي رهي. اها به حقيقت آھي ته جڏهن عمران خان کي اها پڪ ٿي وئي ته ان جي حڪومت هاڻي قائم نه رهي سگهندي تڏهن عمران خان حڪومت ويندي ويندي اوگرا جي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 10 روپيا گهٽتائي ڪري ڇڏي.

بظاهر عوام کي رليف جو فيصلو لڳندڙ اهو قدم حقيقت ۾ عمران خان جي حڪومت ايندڙ حڪومت کي سبق سيکارڻ لاءِ کنيو هو. عمران خان ۽ ان جي ناڻي وزير شوڪت ترين کي اهو معلوم هو ته پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اهي جيڪا گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري رهيا آھن اهو سندن حڪومت پاران ڪيل آءِ ايم ايف سان معاهدي جي خلاف ورزي آھي نه رڳو اهو پر عمران خان ۽ شوڪت ترين کي اهو به معلوم هو ته ان خلاف ورزي جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ مطلب ته کين معلوم هو ته انهن حڪومتي فيصلن جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف سان وڏن سخت شرطن کي قبول ڪرڻ بعد ٿيل معاهدو قائم نه رهي سگهندو، خاص طور تڏهوڪي ناڻي وزير شوڪت ترين کي ته اهو به معلوم هو ته آءِ ايم ايف جو قرض فراهمي وارو معاهدو ختم ٿيڻ بعد دنيا جو ڪو به مالياتي ادارو، ملڪ  پاڪستان کي قرض نه فراهم ڪندو. سوال هي آھي ته اڳوڻي ناڻي وزير کي جڏهن معلوم هو ته پوءِ به هو آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جي خلاف ورزي ڪري ان کي پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ کان اڳ ختم ڇو ڪرائي ڇڏيو؟ شوڪت ترين کي ته هڪ پروفيشنل مالي ماهر طور ناڻي وزارت ۾ آندو ويو هو پوءِ هن عمران خان جي سياسي مقصدن لاءِ غيرپروفيشنل ماڻهن وانگر ڪم ڪري ملڪ کي معاشي طور ڏيوالي ڪرڻ جهڙا فيصلا ڇو ڪيا؟ اوهان کي ٻڌايان ته ملڪ کي معاشي طور ڏيوالو ڪرڻ ڪو ننڍو جرم نه آھي ڇو ته هڪ ماڻهو کي قتل ڪرڻ واري کي پاڪستان جي قانون ۾ ڦاهي جي سزا آھي ملڪ جي معاشي طور ڏيوالو ٿيڻ جو مطلب ملڪ جي وجود کي خطري ۾ وجهڻ سوڌو ملڪ ۾ رهندڙ 22 ڪروڙ عوام جو معاشي قتل ، ان ڪري هڪ سياسي پارٽي جي سياسي فائدي لاءِ ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ جي دلدل ۾ ڌڪڻ ملڪ اندر سمورن ڏوهن کان وڌيڪ وڏو ڏوهه آھي. جيڪو سڄي ملڪ جي معيشت کي ئي ويهاري ڇڏڻ جا فيصلا ڪري ان لاءِ جيڪڏهن ڪا سزا نه آھي ته پوءِ ٻين ڏوهن ۾ سزائون ڏيڻ، ماڻهن کي جيل ۾ وجهڻ ڇا درست آهي ؟موجوده اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين مان خاص طور پيپلزپارٽي کي چار ڀيرا، مسلم ليگ ن کي ٽي ڀيرا حڪومت ڪرڻ جو تجربو آھي حڪومت ۾ شامل جي يوآءِ ۽ ايم ڪيو ايم به لڳ ڀڳ هر حڪومت ۾ شامل رهيا آھن.

ظاهر آھي کين معلوم هو ته پي ٽي آءِ حڪومت جيڪي قدم کڻي وئي آھي انهن حالتن مان ملڪ کي ڪڍڻ ڪو سولو ڪم نه آھي پر پوءِ به انهن اقتدار ۾ اچي عمران خان جي سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ جهڙو فيصلو ڇو ڪيو؟ اهو ته حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي سربراهن کي ئي معلوم هوندو پر جيڪڏهن عمران خان خلاف هي موجوده اتحادي عدم اعتماد جي رٿ آڻي کيس اقتدار کان ٻاهر نه ڪن ها ته عمران خان لاءِ پنهنجي سياست بچائڻ ممڪن نه هو ڇو ته اهو طئه هو ته آءِ ايم ايف جو معاهدو معطل ڪرائيندڙ پي ٽي آءِ کي حڪومت هلائڻ لاءِ وري آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط تسليم ڪري معاهدو بحال ڪرائڻو پوي ها، ان کانسواءِ عمران خان جي حڪومت جو گذارو ناممڪن هو. ڇو ته عمران حڪومت ته سعودي، چين ۽ ترڪي  کي  به ناراض ڪري چڪي هئي. مان محتاط ٿي اهو چوان ٿو ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت کي رهڻ ڏنو وڃي ها ته ملڪ اندر مهانگائي جي هن وقت آيل طوفان کان به وڏو طوفان اچي ها ان سان عمران خان جي حڪمراني ۽ سياست تي ته سوال اٿن ها پر جن ان کي اقتدار ۾ آندو اهي تاريخ جي بدترين تنقيد کي منهن ڏين ها  پر انهن ڪمال مهارت سان عمران حڪومت جي  امڪاني ناڪامي بعد پنهنجي لاءِ پيدا ٿيندڙ حالتن  کان پاڻ کي بچائي ورتو آھي، هاڻي موجوده حالتن ۾ سموري تنقيد جو رخ اتحادي حڪومت مٿان آھي. ظاهر آھي حڪومت اتحادي پارٽين جي آھي ته موجوده صورتحال تي تنقيد به انهن مٿان ٿيندي انهن ڪنهن ٻئي کي ريسڪيو ڪرڻ واري ونگار ۾ جنهن کڏ مان نڪري کاهي ۾ ٽپو ڏنو آھي ان جا ذميوار اهي پاڻ ئي آھن پر هن اتحادي حڪومت جي فيصلن جو سمورو بار عام ماڻهن تي پئجي رهيو آھي.

جيڪڏهن ملڪ جو معاشي ڏيوالو ڪير ٻيو ڪري ويو آھي ته ان جي سزا پهريان ان کي ملڻ گهرجي پر ملڪ جي معيشت کي تباهي ڪناري اچي بيهاريندڙ عمران خان کي اڄ عوام جو درد کائي ويو آھي هي حڪومت ملڪ کي هن حالتن ۾ ڪنهن پهچايو واري طرف وڃڻ بجاءِ ملڪ کي خراب معاشي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ جيڪي قدم کڻي رهي آھي ان جو شڪار عام ماڻهو ٿي رهيو آھي نه رڳو شڪار پر عام ماڻهن لاءِ هاڻ جيئرو رهڻ مشڪل ٿي ويو آھي.  هي حڪومت جيڪي قدم کڻي رهي آھي اهي کل جوڳا آھن  ڇو ته سٺ ڏينهن جي هي حڪومت پيٽرول، ھاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 60 روپين جو اضافو ڪري چڪي آھي جڏهن ته گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾ هي حڪومت هن وقت تائين 56 روپيا 38 پيسن جو اضافو ڪري چڪي آھي نه رڳو ايترو پنجاب، ڪي پي،اسلام آباد کي گيس فراهم ڪندڙ سئي نادرن گيس ڪمپني جي صارفين لاءِ گيس قيمتن ۾ 45 سيڪڙو ۽ سنڌ، بلوچستان کي گيس فراهم ڪندڙ سئي سدرن گيس ڪمپني جي صارفين لاءِ 44 سيڪڙو قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. بجلي جي قيمتن ۾ هر مهيني فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ته واڌ ٿيندي پر هن حڪومت بجلي جي في يونٽ جي بنيادي قيمتن ۾ 7 روپيا 91 پيسن جو اضافو ڪيو آھي جنهن بعد في يونٽ بجلي جي قيمت 16 روپيا 91 پيسن کان وڌي 24 روپيا 82 پيسا مقرر ٿي وئي آھي. اهي سمورا قدم آءِ ايم ايف کي  راضي ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آھن پر آءِ ايم ايف اڃا مڪمل طور راضي نه ٿي سگهيو آھي. چيو وڃي ٿو ته اڃان پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻي پوندي ايتري تائين جو پاڪستان کي هن سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ به آءِ ايم ايف کان اجازت وٺڻي پوندي.

پگهارن ۾ واڌ نه ٿيندي ته سرڪاري ملازم ڪم ڇڏي روڊن تي اچي پنهنجي پگهارن ۾ اضافو ڪرائي ويندا پر ملڪ ۾ مزدوري ڪندڙ، نجي ماڻهن جي دڪانن، فيڪٽرين، ڪاروبارن ۾ ملازمت ڪندڙ عام ماڻهن جي پگهارن ۾ واڌ ڪيئن ٿيندي؟  مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ في غريب گهراڻي کي ماهوار 2 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي اها ٻه هزار روپين جي مالي امدا غريب طبقي کي مهانگائي جي هن عذاب کان نٿي بچائي سگهي. مون سنڌ صوبي جي سکر ، خيرپور سوڌو سنڌ جي شهرن ۾ صبح پنجين وڳي کان ڇهين وڳي صبح کان لڳندڙ مزدورن جون پڙيون ڏٺيون آھن جتي ڏوراهين علائقن جي ڳوٺن کان مزدور رومال ۾ ماني ٻڌي مزدوري حاصل ڪرڻ لاءِ صبح سوير پڙين تي اچن ٿا. هن وقت به سنڌ ۾ پنج سو روپين تائين مزدورن کي مزدوري ملي ٿي جنهن مزدور جو ڳوٺ کان شهر تائين مزدوري لاءِ اچڻ ۽ مزدوري بعد شام جو گهر واپس وڃڻ جو ڪرايو روز 2 سو کان وڌيڪ اچي وڃي ان جي ڪرڀ ، بيوسي ۽ لاچاري واري صورتحال جو اندازو نه آصف زداري لڳائي سگهي ٿو نه ئي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ۽  نه وزير اعظم شهباز شريف لڳائي سگهي ٿو. معيشت جي تباهي ۾ جيڪڏهن عام ماڻهن جو ڪو به عمل دخل نه آھي ته پوءِ ان خراب معيشت کي درست ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن جو مهانگائي جي جن ذريعي ساهه گهٽڻ ، پنهنجي ٻارن جي معمولي ۽ ننڍيون خواهشون به پورو ڪرڻ جهڙو نه ڇڏڻ پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪيرائي وجهڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟ جن معيشت تباهه ڪئي ۽ جيڪي  ان عمل ۾ سهولتڪار ٿيا سزا انهن کي ڏني وڃي پر حڪومت   “ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪونه ۽ ھيڻي تان ڪاوڙ لهي ڪونه ”واري چوڻي وانگر هلي رهي آھي.

آخر ۾ اوهان کي ٻڌايان ته 10 جون تي ايندڙ مالي سال 2022-23 جي بجيٽ پيش ٿيندي جيڪا 4282 اربن جي خساري واري بجيٽ هوندي جنهن جو مطلب ايندڙ مالي سال دوران بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 4282 ارب روپين جا قرض وٺڻا پوندا جيڪڏهن بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين جا هدف پورا نه ٿيا ته قرض وڌيڪ وٺڻا پوندا اگر ملڪي کاتن جو حال کٽل کاتن وارو هجي ته ان صورتحال ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي پر موجوده صورتحال ۽ مهانگائي جي طوفان کي ڏسڻ بعد آءِ ايم ايف جي فرمائشن کي ڏسون ٿا ته لڳي ٿو ته هي بجيٽ آءِ ايم ايف جي فرمائشن واري بجيٽ هوندي. ان ۾ پيٽرول مصنوعات تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز شامل هوندي،  سبسڊي جي رقم گهٽ ۽ ٽيڪس رعايتون گهٽ ٿينديون، مٿان ٽيڪس وصولين جي حدف ۾ آءِ ايم ايف جي فرمائش تي واڌ ٿيندي. نه رڳو ايترو ترقياتي بجيٽ ترقي سوڌو روزگار جا ذريعا پيدا ڪندي آهي پر پي ٽي آءِ حڪومت ختم ٿيندڙ سال لاءِ منظور 900 ارب ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽ لڳائي ترقياتي بجيٽ کي گهٽ ڪري 500 ارب ڪري ڇڏيو نه رڳو ايترو پر جڏهن جنگون لڳيون، بنگلاديش ڌار ٿيو تڏهن به ايئن نه ٿيو جيڪو ختم ٿيل مالي سال جي آخري ٽن مهينن ۾ ترقياتي بجيٽ جي منصوبن لاءِ رقم نه جاري ٿي سگهي. ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 8 سو ارب روپين جي رکي پئي وڃي ن ليگ جڏهن 2018ع ۾ ختم ٿي هئي تڏهن ترقياتي بجيٽ 1000  ارب روپيا هئي. چار سالن ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ٿيڻ بجاءِ ان ۾ ريورس گيئر لڳو آھي، اصل ۾ ڏسجي ته ملڪ جي ترقي کي ئي ريورس گيئر لڳل آھي پر اسان وٽ اقتداري طاقت لاءِ جيڪي پلان ايندا رهندا آھن انهي سوچ ۽ منصوبن کي ريورس گيئر لڳندي نظر نٿو اچي. اصل ۾ريورس گيئر ان سوچ کي لڳڻ گهرجي جنهن سوچ اقتدار ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي آڻڻ لاءِ ملڪي تاريخ ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا جنهن ڪري ملڪ تجربيگاهه بڻجي ويو آھي ۽ ترقي جي منزل ملڪ کان انتهائي پري ٿي چڪي آھي.