ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ 2 مبينا پوليس اهلڪار پنهنجي اخبار جي پيج ميڪر کان 22 هزار ڦر ڪري ويا، سپرهاءِ وي عبدالله ڳوٺ وٽ موٽرسائيڪل سوار ٻن مبينا اهلڪارن اخباري ڊيوٽي تان واپس ويندڙ موسيٰ ڪاظم کي روڪيو، تلاشي جي بهاني سان 22 هزار ڦر ڪيا. موسيٰ ڪاظم موجب ٻنهي اهلڪارن کيس ڌمڪيون ڏنيون، هڪڙي سپاهي کي عادل نالي جو بيج لڳل هو. ٻئي طرف شاهه لطيف ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهن، ايس ايس پي ملير موجب جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.