ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وزيرن ۽ حڪومتي مشنري جي  متحرڪ هجڻ باوجود  ڪيترن  اهم روڊن تي پاڻي بيٺل، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن ۽ ڪمشنر مختلف  علائقن جا دورا ڪري پاڻي نيڪال جون  هدايتون ڏنيون، ورتل جائزي  موجب پراڻي ڪراچي، وزير مينشن، شاهراهه لياقت، قيوم آباد چورنگي، اختر ڪالوني، مين ڪورنگي روڊ جي سروس روڊ، زيب النساءَ اسٽريٽ، جوهر چورنگي، آءِ آءِ چندريگر روڊ، سنڌ اسيمبلي روڊ، ڪينٽ اسٽيشن، لياقت آباد، ڪالاپل، جناح اسپتال، اين آءِ سي ايچ، اين آءِ سي وي ڊي، تين تلوار، محمود آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيٺل هو، برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ ڪري  شهر ۾ ڪاروباري سرگرمين سان گڏ شهرين جي عام زندگي به سخت متاثر ٿي، ٻئي پاسي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھه  ڪراچي جو پاڻي نيڪالي وارو سسٽم رڳو 70 ملي ميٽر  برسات جو دٻاءَ برداشت  ڪري سگهي ٿو، هن وقت  200 ملي ميٽر  برسات پوڻ ڪري مسئلا پيش آيا آهن

ملير (رپورٽر)  ملير ۾ سلطان شيرازي چيڪ ڊيم ٽٽي ويو: ٿڌو ۽ مول ڊيم  ڀرجي  وڃڻ  بعد اٿلي ويا  ڪيترا ڳوٺ پاڻي هيٺ : لڏپلاڻ : ملير ندي ۾ چاڙهه سبب ڪاٺوڙ پل وٽان لند روڊ بند، ان ڏس ۾ برسات  دوران ملير ندي، سکڻ ندي، گهگهر ندي ۽  ٿڌو ڊيم ڀرجي ويا، ٻئي طرف گڏاپ  جي ڪنڊ جهنگ واري علائقي ۾ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ سلطان شاهه شيرازي چيڪ ڊيم ٽٽي پيو، جنهن سبب ڳوٺ سليمان احمداڻي، ڳوٺ جان محمد احمداڻي، محمد نوتاڻي  ۽ ڀرپاسي جي  رهواسين  لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي پناهه ورتي، ٻئي طرف صوبائي وزير ساجد جوکيو ملير  جي مختلف علائقن جا دورا ڪري هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ساجد جوکيو چيو ته برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي ازالي لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو آهي، متاثرين  جي  جلد مالي سهائتا پڻ ڪئي ويندي، هوڏانهن ملير ندي ۾ چاڙهه سبب نيشنل هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ کي ڪاٺوڙ پل وٽان بند ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر ٻڌايو ته ڪاٺوڙ لنڪ روڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي متبادل رستن تان موڪليو پيو وڃي، ٻئي طرف  تازين برساتن سبب ملير جا هيٺاهين وارا علائقا پپري، شاهه لطيف ٽائون، ايزي سٽي، ريڙهي ڳوٺ، ابراهيم حيدري، گهگهر، لٽ بستي سميت مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب رهواسي پنهنجي مدد پاڻ پاڻي ڪڍڻ ۾ مصروف رهيا، جڏهن ته روڊن ۽ گهٽين ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهڻ سبب رهواسي گهرن تائين محدود رهيا،