جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران چيف جسٽس کي خط: ججز مقرري بابت ڪميشن جي اجلاس تي خدشا ظاهر

0
170
ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها: فائز عيسيٰ
ٻين جي عزت آهي ، ڪجهه اسان جي به هئڻ گهرجي، حلف جي پابندي نه هجي ها ته معذرت  ڪري هليو وڃان ها: فائز عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس  کي خط لکي 28 جولاءِ تي ججز مقرري بابت ڪميشن جي اجلاس تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آھن

 خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته موڪل تي ويس ته ڪوبه اجلاس شيڊول نه هو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ بعد ڪميشن جا 2 اجلاس ٿيا، 28 جولاءِ تي ٽيون اجلاس به منهنجي غيرموجودگي ۾ ٿيو

خط  جي متن موجب ججز مقرري ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سينيئر ججز کي باءِ پاس ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس جي نامزدگي جو طريقيڪار غور هيٺ آندو وڃي، سُپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج، ججز جي نامزدگي جو طريقيڪار طئه ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ججز مقرري جي معاملي تي چيف جسٽس جي تڪڙ تي سواليا نشان آهي

ھي به پڙھندا

فل ڪورٽ جو قانوني جواز پيش نه ڪيو ويو: چيف جسٽس