حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 110 ملازمن کي مستقل نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڊي جي پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو، ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڪاميٽي جو سربراهه اڄ عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائين، 2014ع کان ڪانٽريڪٽ تي ملازمت ڪندڙ محمد ايوب ۽ ٻين وڪيل معرفت مستقل نه ڪرڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ سندن موقف آهي ته 110 ملازم گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪانٽريڪٽ ملازمت ڪري رهيا آهن، ايس بي سي اي ريجن ۾ 127 پوسٽون خالي هئڻ باوجود مستقل نه ٿو ڪيو وڃي، عدالت طلب ڪرڻ تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پيش نه ٿيو، هن پنهنجي نمائندي معرفت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت نمائندي کان پڇا ڪئي ته ڊي جي کي ملازم مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان تي ڪيترو عمل ڪيو ويو آهي؟ تنهن تي نمائندي وڪيل معرفت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي، جسٽس ذوالفقار احمد خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت اوهان کي ملازم پڪا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪاغذن جي ڀري ڇو کڻي آيا آهيو؟ تنهن تي نمائندي ۽ سندس وڪيل ڪو خاطرخواهه جواب نه ڏنو، عدالت عملدار کي حڪم ڏنو ته ڊي جي ۽ ملازمن کي مستقل ڪندڙ ڪاميٽي جو سربراهه اڄ 11 وڳي هر صورت ۾ عدالت پهچي پنهنجو جواب داخل ڪرائين، عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.