ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ بي دردي سان قتل ٿيل نوجوان ناري وزيران ڇڇر جي خون جو انصاف گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، وزيران ڇڇر جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مسلسل آواز اٿاريندڙ نوجوان بابت جرڳو ڪوٺائي پنج لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڳوٺ جي وڏيري کان معافي وڍڻ جو حڪم. ان ڏس ۾ وزيران ڇڇر کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي گريجوئيٽ نوجوان جاويد ڇڇر تي پنج لک رپيا چٽي وڌي وئي، ڄامشوري جي وڏيري وارث ماڇي جي ڪيل فيصلي موجب نوجوان جاويد ڇڇر ڳوٺ وڏا ڇڇر جي وڏيري الياس ڇڇر کان معافي وٺي کانئس تڏو پڻ بخشرائيندو. واضح رهي ته 28 جون 2020 ع تي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ نوجوان ناري وزيران ڇڇر کي منهن ۾ پٿر هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو. نوجوان جاويد ڇڇر سوشل ميڊيا تي وزيران ڇڇر کي انصاف ڏيارڻ وارا مسلسل مطالبا ڪندو رهيو. گذريل ڏينهن ڄامشوري ۾ وڏيري وارث ماڇي جي اوطاق تي ٿيل جرڳي ۾ نوجوان کي فيصلي ۾ ڇڪائيندڙ ڳوٺ وڏا ڇڇر جي وڏيري الياس ڇڇر موقف اختيار ڪيو ته جاويد ڇڇر جي پوسٽن سبب ڳوٺ جي بدنامي ٿي، پوليس پريشر ۾ اچي ڪيس داخل ڪيو ۽ ڳوٺ تي ڇاپا هنيا. ذريعن ٻڌايو ته جرڳي دوران نوجوان کان معافي پڻ وٺرائي وئي، جڏهن ته سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻي يوسي ناظم پيربخش ڇڇر کي ڏنڊ جي رقم ڀرڻ جو پابند ڪيو ويو. ٻئي طرف اڳوڻي يوسي ناظم پير بخش ڇڇر جرڳي جي تصديق ڪندي چيو ته ڀاءُ تي ڏنڊ وڌو ويو آهي، جيڪو ڀري ڏيڻ جي حامي ڀري اٿئون، هن چيو ته اهو اسان جو برادري مسئلو هو. هن چيو ته مقتول عورت لاءِ انصاف گهرڻ ڏوھ ناهي پر تر جي وڏيرن کي مان ڏيندي فيصلو قبول ڪيو آهي. ٻئي طرف جرڳي جي سرپئنچ وڏيري وارث ماڇي سان مسلسل رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس فون بند هو. ٻئي طرف وزيران ڇڇر جي والد گل محمد ڇڇر رابطو ڪرڻ تي چيو ته آئون ڪاٺيون ڪري پيٽ گذر ڪندو آهيان، توهان ٿيل جرڳي مان اندازو لڳايو ته ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مون مسڪين تي ڪيترو پريشر هوندو؟ هن چيو ته ڳوٺ جا بااثر ماڻهو کيس ۽ سندس خاندان کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا پر آئون نياڻي سان انصاف ٿيڻ تائين خاموش نه ويهندس.