مقصودو رند (ن پ ا) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ڦر دوران فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويل نينگري حرمين واري  واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پوليس مقصودو رند ويجھو لنڊو شريف ۾ ڇاپا هڻي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي پوليس ڇاپي دوران عطا محمد جکرو ۽ علي نواز جکرو کي گرفتار ڪري ڪراچي کڻي وئي آھي، رابطو ڪرڻ تي لنڊو ٿاڻي جي پوليس ڪجھه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.