مفتاح اسماعيل جي ڪاميابي ۽ ووٽن جي برتري ڪيئن ختم ٿي، سڄي پاڪستان ڏٺو: شهباز شريف

0
247
شھباز شريف ناراض

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مفتاح اسماعيل جي ڪاميابي ۽ ووٽ جي برتري ڪيئن ختم ٿي، سڄي پاڪستان ڏٺو، شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ اين اي 249 جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته مفتاح اسماعيل جهڙي طرح ڏينهن رات ڪم ڪيو کيس خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، سموري پارٽي جي عهديدارن خاص ڪري ڪراچي جي ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو، ڄمي مقابلو ڪرڻ تي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿو، حمايتي تي اي اين پي ۽ جي يو آءِ جو ٿورائتو آهيان، اميد ته اليڪشن ڪميشن انصاف ۽ شفافيت جي تقاضن تي پورو لهندو، اين اي 249 ڪراچي ۾ مسئلن جي خاتمي لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين.