مفاهمت لاءِ پي ٽي آءِ کي ماضي جون غلطيون مڃيندي توبهه ڪري معافي وٺڻي پوندي: بلاول ڀٽو زرداري

0
48

مفاهمت لاءِ پي ٽي آءِ کي ماضي جون غلطيون مڃيندي توبهه ڪري معافي وٺڻي پوندي، اسان سياسي انتقام ۽ گرفتارين تي يقين نٿا رکون، ڇا شاهه محمود قريشي ۽ پي ٽي آءِ باني پنهنجو موقف تبديل ڪيو آهي؟ اِن رُجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرين معافي وٺڻي پوندي، پ پ چيئرمين پاران شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جي مذمت، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نٿا چاهيون ته ڪنهن کي چوٿون ڀيرو اسان تي مڙهيو وڃي، نٿا چاهيون ته وري هڪ ٻئي بزدار کي مڙهڻ وارو کلاڙي اچي، لاهور ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو انڪري ڪيو ته لاهورين وٽ وڌيڪ آپشن هجن، اُميد ته نامزدگي فارم منظور ٿي ويندا، سکر ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نامزدگي فارمز کسجڻ جو ڪم بنا جواز ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ نامزدگي فارمز نه کسيا پيا وڃن، جتي کسيا پيا وڃن، اُنهن کي جواب ڏيڻ گهرجي