معيشت، ڀاڻ بحران ۽ مافيا!

0
205
عدم اعتماد، عالمي اقتداري مفاد ۽ گڏيل حڪومت !!

اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ تباهي جي ڪناري تي پهچندڙ  معيشت سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، ٻاهران ڪا به سيڙپڪاري اچڻ لاءِ تيار ناهي، ملڪي سطح تي ڪنهن اهڙي مال جي تياري نه پئي ٿئي، جنهن کي  ٻاهر  وڪڻي ڪجهه ڪمائي سگهجي، مطلب ته ايڪسپورٽ بلڪل ٺپ ٿي چڪي آهي، ملڪ جي بجيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڳرن شرطن تي ٻاهران قرض  ورتا پيا وڃن ۽ انهن قرضن کي لاهڻ لاءِ وَري عوام مٿان وڏي پيماني تي روز نوان نوان ٽيڪس مڙهيا پيا وڃن ته جيئن بجيٽ خسارو پورو ڪري سگهجي،جنهن جي نتيجي مهانگائي خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي آهي. معيشت جيڪڏهن ڪجهه پاڻ کي سنڀالي ويٺي آهي ته  اهو زرعي شعبي جي ڪري، ڪورونا جي دوران به جيڪڏهن اسان کاڌ خوراڪ ۾ پاڻڀرا نه هجئون ها  ملڪ ۾ فاقه ڪشي ٿي چڪي هجي ها.

پاڪستاني معيشت ٽن اهم شعبن تي بيٺل آهي، پهريون سروسز سيڪٽر، جيڪو ڪل معيشت جو 60 سيڪڙو آهي، جڏهن ته زرعي شعبو ڪل معيشت جو 21 سيڪڙو ۽ مينيوفيڪچرنگ يا انڊسٽريل شعبو 19 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ان ۾ سڀ کان اهم نقطو اهو آهي ته مجموعي معيشت ۾ 21 سيڪڙو رکندڙ  زرعي شعبو، ملڪ جي اندر ڪل روزگار جو 50 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو، معنيٰ ملڪ ۾ روزگار سان واڳيل 50 سيڪڙو  ماڻهو زراعت سان سڌي يا اڻ سڌي ريت لاڳاپيل آهن. پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ڪڻڪ وري اهڙو فصل آهي جيڪو ملڪ اندر کاڌ خوراڪ جي ضرورت جو 70 سيڪڙو پورائو ڪري ٿو، ڪنهن وقت ته پاڪستان ڪڻڪ ايڪسپورٽ به ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي بمپر فصل لهڻ باوجود هر سال 5 کان ڏهه لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪئي پئي  وڃي، پر تنهن باوجود ڪڻڪ جي سٺي پيداوار هئڻ جي ڪري، ڪنهن سال ڪو وڏو  بحران پيدا نه ٿيو آهي، پر هر سال طاقتور منافعي خور ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري کربين رپين جو ڪارو ناڻو ڪمائيندا آهن. سال 2020ع ۽ 21ع ۾  ڪڻڪ جو فصل توقع کان وڌيڪ لٿو ۽ ٽي سيڪڙو واڌ سان مجموعي طور ڪڻڪ جي پيداوار پوٽا ٽي ڪروڙ  ٽن رهي، هلندڙ  سال 2021-22 ع لاءِ ڪڻڪ جي لهپ جو حدف ٽي ڪروڙ  ٽن رکيو ويو آهي، هن ڀيري ڪڻڪ پڻ 92 لک ايڪڙن تي پوکي وئي آهي، جنهن ۾ 28 لک ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل سنڌ ۾ ڪاهيل آهي،

پر هن ڀيري ڪڻڪ جي اپت گهٽ  لهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، ان جو ڪارڻ ڪو قدرتي ناهي پر مافيا آهي، اها مافيا جيڪا هر حڪومت کان ڏاڍي، جيڪا جنهن وقت چاهي ڪڻڪ گم ڪري ڇڏي، جيڪا جنهن وقت چاهي کنڊ گم ڪري ڇڏي ۽ جيڪا زندگي بچائيندڙ  دوائون گم ڪري ڇڏي. هن ڀيري ان مافيا ڪڻڪ جي پوکي جي مهل تي لکين ٽن ڀاڻ گم ڪري هٿرادو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان دنيا ۾ يوريا ڀاڻ پيدا ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ڪل پيداواري صلاحيت ساليانو 61 لک ٽن آهي، ملڪ ۾ ڀاڻ پيدا ڪندڙ  ٽي وڏيون ڪمپنيون سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي ۾ موجود آهن، جن کي ڀاڻ جي پيداوار لاءِ  سموري گيس مفت ۾ فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن ڪمپنين کي سبسڊي پڻ ڏني ويندي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ٿه جنهن ملڪ ۾ يوريا پيدا ٿئي، اتي بحران پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا سببب آهن، جنهن جو سرڪار وٽ جواب اهو آهي ته ڀاڻ ڊيلرن ۽ ذخيري خورن اسٽاڪ ڪري افعانستان اسمگل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي آهي. سوال اهو آهي ته گهوٽڪي مان ڀاڻ نڪري هوا مان اڏامي ته افغانستان ڪو نه پهتو هوندو، سرحدن تي سيڪيورٽي ڪنهن جي ذميواري هئي، وفاقي ادارا ڇا پيا ڪن جو اتان ڀاڻ افغانستان جي  انٽرنيشنل اسمگلنگ منڊيءَ تائين پهتو.

ڀاڻ جي بحران پيدا ٿيڻ کانپوءِ ناڻي واري وزير جي  صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو ۽ فرٽيلائيزر مينوفيڪچرز آف پاڪستان ايڊوائزري ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر برگيڊيئر شير شاهه ملڪ هڪ لک ٽن ڀاڻ ٻاهران گهرائن جي تجويز ڏني، جنهن بعد چين کان 50 هزار ٽن ڀاڻ گهرائن جي منظوري ڏني وئي، برگيڊيئر شير شاهه ملڪ چيو ته 28 جون کان 16 سيپٽمبر تائين ڀاڻ جي فيڪٽرين کي گيس سپلائي نه ٿي ان جي ڪري ڀاڻ جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي. سينيٽ جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو  ويو ته ٻڌايو وڃي ڪنهن جون کان سيپٽمبر تائين ڀاڻ فيڪٽرين کي  گيس جي سپلائي بند ڪئي، جنهن سبب بحران پيدا ٿيو، اجلاس کي لڳ ڀڳ مهينو ٿيو پر اڃان تائين خبر ناهي ته ڪنهن جي چوڻ تي فيڪٽرين کي گيس سپلائي بند ڪئي وئي. هڪڙي پاسي برگيڊيئر شير شاهه ملڪ چوي ٿو هن سال پهريون ڀيرو  ٽن سالن کانپوءِ ڀاڻ جي پيداوار حدف کان ڏهه سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي، سوال آهي ته پوءِ ڀاڻ جي کوٽ ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿي.؟ ان کان اڳ 23 نومبر تي  توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر  ۽ خوراڪ ۽ پيداوار جي وفاقي وزير سيد فخر امام جي سربراهي ۾ فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڊيلرن ۽ ذخيري خورن ساڍا چار لک ٽن ڀاڻ منافعي خوري لاءِ ذخيرو ڪيو  آهي.

ڀاڻ  جي کوٽ جو سنڌ جي زراعت تي به خطرناڪ اثر پيو آهي. 22 ڊسمبر تي  سنڌ جي سيڪريٽري زراعت ،صنعت ۽ پيداوار جي  وفاقي سيڪريٽري کي آگاهه ڪيو ته صوبي ۾ ڀاڻ جي کوٽ  جي ڪري ڪڻڪ جي  فصل جي پيداوار گهٽ لهڻ جو خدشو آهي، ڊي جي زراعت سنڌ پنهنجي انگ اکرن ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ 97 سيڪڙو  تائين ڪڻڪ جي پوکي جو حدف حاصل ڪيو ويو آهي، پر صوبي جي  23 ضلعن ۾   53 لک 71 هزار ٻورين يا 2 لک 68 هزار ٽن ڀاڻ جي کوٽ آهي، جنهن سبب فصل جي اپت متاثر ٿيندي.

هاڻي جيڪڏهن انگ اکر ڏسون ته خبر پوندي ته ڀاڻ جي في ٻوري جي پيدا وار تي لاڳت هڪ هزار 83 رپيا آهي ته جڏهن ته مارڪيٽ ۾ يوريا ڀاڻ جي في ٻوري قيمت 1768 رپيا مقرر آهي، يعني ڀاڻ پيدا ڪندڙ ڪمپنيون في ٻوري تي 685 رپيا نفعو ڪمائين ٿيون، اهو نفعو مختلف اسٽيڪ هولڊرن ۾ ورهايو ويندو آهي. هن ڀيري جون کان سيپٽمبر تائين گيس جي کوٽ جو بهانو ڄاڻائي 2 لک ٽن ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب ڪري افغانستان جي انٽرنيشنل اسمگلنگ منڊي ۾ پهچايو ويو. 1768 رپين ۾ خريد ڪيل ٻوري انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ يارنهن هزار رپين ۾ کپائي وئي، هڪ ٽن ۾ يوريا جون ويھه ٻوريون اينديون آهن، اهڙي ريت ٻه لک ٽن ۾ چاليھه لک ٻوريون اينديون آهن، في ٻوري تي ست هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪمائي وئي، اهڙي ريت 40 لک ٻورين تي ڪمايل نفعي جو ڪاٿو 28 ارب رپيا ٿئي ٿو. ملڪ ۾ پهرين ڊسمبر کان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ آھي، ملڪ ۾ ڀاڻ جي کپت روزانو ويھه هزار ٽن يا چار لک ٻوريون آهن،

هاڻي اوهان حساب لڳايو ته في ٻوري تي هزار رپيا واڌو پيسا ڏيڻ سان چار لک ٻورين جو حساب ٿيندو چاليھه ڪروڙ رپيا روزانو، اڄ 55 ڏينهن ٿي چڪا آهن، روز چاليھه ڪروڙ رپيا مافيا ۽ سرڪاري مشينري ڪمائي رهي آهي، روزانو چاليھه ڪروڙ رپين جي حساب سان 55 ڏينهن ۾ 22 ارب رپيا ٿين ٿا، هي سلسلو اڃان 60 ڏينهن وڌيڪ هلندو، سمجهو ته 24 ارب رپيا ٻيا به ان ڌنڌي ۾ ڪمايا ويندا. هاڻي سولائي سان سمجهو ته اسمگلنگ ذريعي 28 ارب رپين جي ڌاڙي جو ته ڪو به حساب ناهي، ڪنهن کاڌا، ڪا خبر ناهي. باقي هي جيڪو 46 ارب رپين جو مقامي ڌاڙو لڳل آھي، ان ۾ اينگرو، فوجي فرٽيلائيزر ۽ فاطمه فرٽيلائيزر ڪمپنيون، پنجاب ۽ سنڌ حڪومت جا سمورا اسٽيڪ هولڊر، هر ضلعي جو ايم اين اي، ايم پي اي، طاقتور شخص، صوبائي زارعت کاتي کان وٺي، هر ضلعي جي ڊي سي، اي سي کان وٺي تپيدار ۽ روينيو جي پٽيوالي تائين ان ڌنڌي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. هاڻي اچو ته اڳتي ٿا هلون،

ڀاڻ جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي هڪ لک ٽن ڀاڻ چين کان خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جنهن مان پنجاھه هزار ٽن ڀاڻ 15 فيبروري تي ايندو، ان هڪ لک ٽن ڀاڻ جو ڪاٿو 14 ارب رپيا بيهي ٿو، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ جي ڪري زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته فصل لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو گهٽ لهندو، معنيٰ هن ڀيري پاڪستان حڪومت ڪڻڪ جي فصل جو ٽارگيٽ ٽي ڪروڙ ٽن رکيو آھي، جيڪڏهن ٽيھه سيڪڙو کي ڇڏيو ڀلا 15 سيڪڙو ئي ڪڻڪ گهٽ لهي ته معنيٰ ملڪ ۾ حدف کان 45 لک ٽن ڪڻڪ گهٽ لهندي، ٿلهي ليکي حساب لڳايو انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو في ٽن 60 هزار رپيا آهي، اهڙي ريت 45 لک ٽن جي قيمت 270 ارب رپيا ٿيندي. هاڻي اندازو لڳايو ته مجموعي طور 74 ارب رپيا ڀاڻ جا هٿرادو ريٽ وڌرائي اسمگلنگ ڪري ڪمايا ويا، 14 ارب رپين جو ڀاڻ ٻاهران گهرائي قومي ناڻي کي ڌڪ هنيو ويو، جيڪا رقم 88 ارب رپيا ٿئي ٿي ۽ ڀاڻ وقت سر نه ملڻ سبب جيڪا ڪڻڪ گهٽ لهندي ان جو ڪاٿو 270 ارب رپيا هوندو، مطلب ته مجموعي طور تي قومي معيشت کي 358 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو آھي، اها رقم ڊالرن جي حساب سان 2 ارب 3 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ٿئي ٿي،

هڪ پاسي ملڪي معيشت جو اهو حال آھي ته هڪ هڪ ارب ڊالر پنڻ لاءِ سموري عزت ۽ اختيار داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهن، ٻئي پاسي اربين ڊالرن جو ڌاڙو هڻڻ کان ڪير روڪڻ وارو ناهي، ان کي چئبو آھي، مافيائي حڪومت، جتي رياست نالي ڪا شيءَ نه هجي ڪجھه ٽولا ويهي ملڪي معيشت جو فيصلو ڪن. جيڪڏهن ايئن ئي مافيائون ملڪي معيشت تي قابض  رهيون ته ٿورڙي وقت اندر ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو ۽ عوام فاقه ڪشيءَ تي مجبور ٿي ويندو، جڏهن ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو پوءِ ڇا جو اختيار ڪهڙي خودمختياري، تنهن لاءِ جيڪڏهن ملڪ کي معاشي طور تباهه ٿيڻ کان بچائڻو آهي ته  فوري طور تي ان “ ڪاري ڌنڌي” يا بليڪ ايڪانامي مان ڇڏائڻي پوندي .