معصوم ٻار جو قتل:گرفتار 2 پُڦيون هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
376

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ساڙ ۾ معصوم ڀائٽيي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 پُڦيون هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، سڪرنڊ پوليس سيڪيورٽي جي پهري ۾ ٻنهي جوابدارن عورتن کي عدالت آڏو پيش ڪيو، مقامي عدالت طرفان جوابدار عورت شمائلا ۽ عزيزان ملاح کي سومر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم، 4 سالن جي نينگر سراج احمد ملاح جو تشدد ٿيل لاش گهر ٻاهران هٿ آيو هو، پوليس موجب جوابدار عورتن جاچ دوران ڏوهه جو اعراف ڪندي چيو هو ته اسان جو سهرو نينگر کي وڌيڪ ڀائيندو هو، ساڙ ۾ کيس قتل ڪيو، پڦين معيوم ڀائٽيي کي قتل ڪرڻ بعد لاش الماري ۾ لڪائي ڇڏيو هو، جاچ شروع ٿيڻ بعد لاش گهٽي ۾ اُڇليو ويو..