معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام آڻڻو پوندو: شهباز شريف

0
99
معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام آڻڻو پوندو: شهباز شريف
معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام آڻڻو پوندو: شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام آڻڻو پوندو، معاشي ۽ سياسي استحڪام هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي

لاهور ۾ واپارين کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته واپاري جو دڪان هلندو ته پاڪستان هلندو. معيشت مستحڪم ٿيندي ته ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام آڻڻ وقت جي ضرورت آهي، هر روز ڌرڻن جون ڌمڪيون، خبر ناهي ڪهڙي ٻولي استعمال ڪئي وئي،سماج کي پاڻ ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪڏهن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي ته ورهاست ختم ڪرڻي پوندي

شهباز شريف چيو ته اسان رياست بچائڻ لاءِ سياست قربان ڪئي. 16 مهينن ۾ رياست کي بچايو سياست جي پرواهه نه ڪئي، جيڪڏهن رياست نه بچي ته سموري سياست دفن ٿي وڃي ها. اسان کي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻو آهي، اسان کي ليپ ٽاپ ڏيڻا آهن، ڪلاشنڪوفون نه. جيڪڏهن اسان معاشي انصاف ۽ غربت جو خاتمو چاهيون ٿا ته نواز شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻو پوندو

 

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان 2018ع کان ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع ڪندو.   نواز شريف 22 ڪلاڪن جي اونداهي ختم ڪئي. سي پيڪ آيو ۽ 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، جڏهن نواز شريف جو ترقي جو سفر ختم ڪيو ويو ته ملڪ ۾ اونداهي ۽ تباهي هئي