جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان تمام گهڻو مطمئن آهيان: نگران وزيراعظم

0
113
جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان تمام گهڻو مطمئن آهيان: نگران وزيراعظم
جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان تمام گهڻو مطمئن آهيان: نگران وزيراعظم

اسلام آباد : نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن سان تمام گهڻو مطمئن آهي، اليڪشن ڪميشن وڏي حد تائين پنهنجي مشق مڪمل ڪري ورتي آهي

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان ۾ اسان کي ٻن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ چيلينج سيڪيورٽي ۽ ٻيو گورننس آهي، جڏهن گورننس جي ڳالهه ڪريون ٿا ته صوبي جو چوڻ آهي ته وسيلا محدود آهن، ٻئي طرف صوبو چوي ٿو وسيلا گهٽ هجڻ هڪ پهلو آهي، وسيلن جي بدانتظامي هڪ وڏو مسئلو آهي

هن چيو ته چوري الڳ ٿي رهي آهي ۽ مالي بدانتظامي به ٿي رهي آهي، انهن ٻنهي پاسن تي ڌيان ڏنو ويندو ته  گورننس جو مسئلو حل ٿي ويندو

صحافي نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ته اوهان اهڙن ملڪن جو ذڪر ڪيو جتي آئين ناهي، ڇا آئين سان اختلاف آهي؟ ان تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته آئين سان بلڪل ڪو به اختلاف ناهي           . آئين جي تاريخ تي دنيا ۾ علمي بحث هلي رهيو آهي

اليڪشن بابت صحافي سوال ڪيو ته چونڊون جنوري ۾ ٿي رهيون آهن؟ ان تي نگران وزيراعظم چيو ته مان تمام گهڻو مطمئن آهيان، اليڪشن ڪميشن پنهنجي مشق وڏي حد تائين مڪمل ڪري ورتي آهي، اليڪشن ڪميشن جي مشقن ۾ تڪ بنديون ۽ لاڳاپيل معاملا شامل آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مليل رقم تي به انهن جي تياري مڪمل آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت سان مالي گهرجن لاءِ ڳالهيون جاري آهن