مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسو ڀرڳڙي ۾ ڪرڪيٽ ميچ منٺار جسڪاڻي اليون کٽي ورتي. کرڙي گرائونڊ ۾  منٺار جسڪاڻي اليون ۽  دلاور بڙدي اليون وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، دلاور بڙدي اليون  ٽاس کٽي بيٽنگ جي شروعات ڪئي، راحيل بڙدي جي شاندار بيٽنگ سبب 8 اورن ۾ 105 اسڪور ڪيو، جواب ۾ منٺار جسڪاڻي اليون جي منٺار جسڪاڻي ۽ صداقت، ڇڪن چوڪن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽  5 اوور ۾  ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. آخر ۾ فاتح ٽيم کي عزيز ﷲ بروهي ۽ ثناءُ الله بروھي ٽرافي ۽ انعام ڏنا.