لاهور (م ڊ) پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ جي سربراهه سعد رضوي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته مسجد رحمت العالمين ٻاهران ڌرڻو فوري طور ختم ڪيو وڃي، ڪارڪن پرامن طور گهرن ڏانهن واپس موٽي وڃن. سعد رضوي شوريٰ ميمبرن جي نالي جيل مان پيغام ۾ چيو آهي ته شوريٰ ميمبر پنهنجو پاڻ کي قانون حوالي ڪن، 20 اپريل جو احتجاجي سڏ واپس ورتو وڃي، شوريٰ ميمبرن جي ضد سبب سوين ڪارڪن ۽ عوام 6 ڏينهن کان خوار ٿي رهيا آهن، ظهير الحسن شاهه منهنجي هدايتن تي فوري طور تي عمل ڪرائي.