اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت 85 ڪالعدم تنظيمن کي عطيه ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) طرفان ڪالعدم تنظيمن جي فهرست چئني صوبن سميت ٿاڻن کي موڪلي وئي آهي. ان فهرست ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو نالو به شامل آهي. نيڪٽا جو چوڻ آهي ته شهري پنهنجي زڪوات، خيرات ۽ عطيه چيئرٽي ڪميشن آف پاڪستان کان منظور ٿيل فلاحي تنظيمن کي ڏين.