سيوھڻ (ن پ ا) سنڌ جي اسٽيج ڊرامن جو ناليوارو مزاحيا اداڪار، ڀلوڙ رائيٽر، ڊائريڪٽر ۽ خوش طبيعت جو مالڪ انسان لعل محمد بلوچ عرف سيوھڻ جو (مامو لالو) ڪافي عرصو علالت ۾ مبتلا رھڻ بعد 85 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز درگاهه قلندر لال شھباز جي صحن ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾شھرين ۽ آرٽسٽن وڏي انگ شرڪت ڪئي. جنهن بعد مرحوم کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.