مري ۾ ڦاٿل هزارين سياحن کي ڪڍڻ لاءِ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو

0
290
مري ۾ ڦاٿل هزارين

ڪراچي(م ڊ) مري ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڦاٿل هزارين سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سخت سردي ۽ برفباري باوجود وڏي انگ ۾ ماڻهو مري ۽ گليات اچي چڪا آهن

هن چيو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي انتظاميا، پوليس ۽ ٻيا ادارا گذريل ڏينهن کان ٽريفڪ بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر عوام ايترو وڌو انگ آهي جو 12 ڪلاڪن ۾ به روڊ کولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا

گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، ۽ مري ويندڙ سمورن سياحن کان معذرت ڪيون ٿا ته سڀاڻي رات 9 وڳي تائين هيڏانهن نه اچن

هن چيو ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز جي مدد طلب ڪري رهيا آهيون ۽ مري جي رهواسين کي به اپيل آهي ته سخت سردي ۾ گاڏين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪمبل ۽ ٻيو ضروري سامان فراهم ڪيو وڃي، اميد آهي ته اڄ رات تائين رستا ڪليئر ٿي ويندا

شيخ رشيد چيو ته پنجاب حڪومت، اسلام آباد جي انتظاميه ۽ مان پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ حڪومت کي به ان معاملي تي آگاهه ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

گلگلت ۽ ڪي پي شديد برفباري، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت