مري ۾ سياحن لاءِ سرڪاري ريسٽ هائوسز ۽ آفيسون کولڻ جو حڪم

0
263
مري ۾ سياحن لاءِ سرڪاري

ڪراچي(م ڊ) پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري ۾ صورتحال خراب ٿيڻ بعد سرڪاري ريسٽ هائوسز ۽ سرڪاري آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

وڏي وزير انتظاميا کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته پيدا ٿيل صورتحال ۾ سياحن کي هر ممڪن رليف ڏنو وڃي

عثمان بوزدار مري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سياحن کي محفوظ هنڌن تي ڪڍڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، سياحن کي گهربل امدادي سامان به فراهم ڪيو وڃي ۽ سياحن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو وڃي

وڏي وزير راولپنڊي ۽ ٻين شهرن مانبه  اضافي مشينري ۽ عملو موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي

واضح رهي ته مري ۾ سياحن جي شديد رش ۽ برفباري سبب هزارين گاڏيون ڦاسي ويون جڏهن ته گاڏين ۾ سوار 19 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جنهن جي تصديق گهرو وزير شيخ رشيد ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

مري ۾ ڦاٿل هزارين سياحن کي ڪڍڻ لاءِ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو