مريم نواز پاران ايون فيلڊ ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل

0
177
نيب رڳو استعمال

ڪراچي(م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

مريم نواز پاران داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته کيس هن ريفرنس ۾ سزا سياسي انجنيئرنگ ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙين جو هڪ شاندار مثال آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪردار نه جاچ آفيسر جو آهي ۽ نه ئي هڪ پراسيڪيوٽر جو، شريف خاندان خلاف ڪيسن تي متاثر ڪرڻ ارشد ملڪ جي وڊيو آهي.

هن درخواست ۾ چيو ته احستاب عدالت جي جج جي نوٽيس ۾ هي حقيقتون ڇو نه آيون، ان جا ڪارڻ ان کي خبر هوندي.

واضح رهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 11 سال ۽ سندس  ڌيءَ مريم نواز کي 8 سال جڏهن ته ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نيب شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ، عزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ بابت احتساب عدالت ۾ ٽي ريفرنس داخل ڪيا هئا.