مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ۾ 8 محرم الحرام جي سلسلي ۾ شيخ محلا ۾ سڌير شيخ ۽ عبدالغفار شيخ پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ذاڪرن مولانا ياسين برهاني، صدا حسين، رضا عباس، شاهد ڳاهيجو ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس پڙهي مولا جو شان بيان ڪيو ويو، ٻئي طرف انجمن بابل حوا پاران اعجازپور امام بارگاهه کان شهزاده علي اصغر عليه السلام جو جهولو ڪڍي شھر جي مختلف گهٽين مان گشت ڪندي شيخ محلا ۾ مجلس ۾ رکي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، مجلس ۾ ڳاهيجا پوليس جي اهلڪارن سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليا، آخر ۾ امام حسين عليه السلام جو نياز لنگر تقسيم ڪيو ويو.