مراد علي شاهه جي منٿن بعد چاڪر خان شاهاڻي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
146

اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه پي ايس 83 جوهي تي بيٺل آزاد اميدوار کي هٿ کڻائڻ لاءِ دادو پهچي ويو

 مراد علي شاهه آزاد حيثيت ۾ بيٺل پ پ اڳواڻ سردار چاڪر خان شاهاڻي سان ملاقات ڪئي ۽ هٿ کڻڻ جو چيو

ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته بلاول جي ميهڙ واري جلسي ۾ هلي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو

چاڪر خان شاهاڻي اڳوڻي وڏي وزير جي اپيل تي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

 پي ايس 83 جوهي تي پيپلزپارٽي جي اميدوار صالح محمد شاهه جي مقابلي ۾ چاڪر خان سميت پ پ جا 3 اڳواڻ به آزاد حيثيت ۾ ميدان ۾ لٿل آهن

هي به پڙهندا

ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ چيلهار ۾ پيپلزپارٽي اميدوارن کان ڳوٺاڻن جو سخت پڇاڻو