کپرو: اين اي 209 تي پ پ اميدوار شازيه عطا مري سروري جماعت جي ووٽرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ھالا شريف جي سروري جماعت مرشد وٽ پهچي صورت حال کان آگاهه ڪيو آھي. جڏهن ته ان کان اڳ شازيه مري مخدوم جميل الزمان جي پٽ جي شادي ۾ به  شرڪت ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي هئي نه وري متوقع اميدوار علي حسن هنڱورجو جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي کپرو اچي تعزيت ڪرڻ جي  تڪليف ڪئي. سروري جماعت کي هن کان به شڪايتون آھن جنهن ڪري هن کي مخدوم جميل وٽ به وڃڻو پيو.