مخالف ڌر ٻه قدم پوئتي ڇو؟

0
299

هن وقت مخالف ڌر بشمول پي ڊي ايم اڳتي قدم وڌائڻ جي بجاءِ ٻه قدم پوئتي هٽندي نظر پئي اچي، جڏهن مخالف ڌر گڏيل اتحاد جوڙيندي پي ڊي ايم جي صورت اختيار ڪئي هئي ۽ سياسي تحرڪ پيدا ڪندي پوري ملڪ ۾ جلسا آرگنائيز ڪيا تڏهن سياست جو ڌوڏو حڪومت کي لوڏي رهيو هو انهن لڏندڙ لامن ۾ ويٺل پکي پنهنجا پنک ڦڙڦڙائڻ جي ڪوشش ڪندي هيٺ مٿي ٿيندي پئي نظر آيا. مولانا پوري اعتماد سان اهوئي چئي رهيو هو ته رڳو هڪ قدم وڌائينداسين ته پورو اسلام آباد ڌڏي ويندو پر جي ٻيو قدم پنڊي جي طرف وڌيو ته پوءِ صورتحال اهڙي ٿيندي جنهن جو مثال تاريخ ۾ گھٽ ملندو. تڏهن اهو خدشو وڌيڪ ظاهر ٿيڻ لڳو هو ته هاڻي پي ڊي ايم کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو اهي قوتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته هن ملڪ جي سياسي اٿل پٿل ان نهج تي پهچي جتان واپسيءَ جا سڀ دروازا بند ٿي وڃن.
فيصلا ڪن موڙ انهن جي حق ۾ ڪڏهن به نه هو انهن ۾ رڳو اهي شامل ناهن جيڪي طاقتور هٿ چيا ٿا وڃن پر انهن قوتن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي سياسي جماعتن جا ڪرتا ڌرتا ۽ ڪنٽرول سياست ڪرڻ جا قائل آهن. ڪنٽرول سياست ڪندڙ سڀني جماعتن جي اندر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ته موجود آهن پر جماعتن جي پنهنجي قيادت خود ان انهيءَ ڪنٽرول سياست جي قائل رهندي آئي آهي، انهيءَ جو ئي سبب آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي ٻيڙي ڪڏهن به انهيءَ ڪتب نما تي سفر ناهي ڪندي جيڪا خود مختيار ۽ آزاد جمهوريت جي منزل جو رخ ڏيکاريندي آهي. جيڪڏهن هاڻي پاڻ سياسي پارٽين جي اڳواڻن خاص ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻن کان سوال ڪريون ته بليم گيم کان وڌيڪ زميني حقيقتن جي نالي تي چونڪه چناچه جو بحث ڪندي ايندڙ اليڪشن جي تيارين ۽ حڪمتِ عملين جي پيچيدگين ۾ ڳالهين کي الجھائي ڇڏيندا. پي ڊي ايم ۾ سگھاري پارٽي جنهن تمام گھڻو سخت موقف اختيار ڪندي نواز شريف جي بيانيي کي انقلابي پرچم ڪري بلند ڪيو هو اهي به اهڙي ئي قسم جو جواب ڏيندي وچين راھه اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندا. اهڙي صورتحال جو وڌيڪ فائدو حڪومت کي ئي ملي رهيو آهي جو پي ٽي آءِ پنهنجي مٿان لڳل تمام الزامن کي حالتن جي نديءَ ۾ ڌوئيندي مستقبل جي پاڪ پوتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي وڌيڪ جارحاڻو موقف اختيار ڪيو آهي. پاڻ وزير داخلا شيخ رشيد جي طنزيه بيان تي وڌيڪ تبصرو نٿا ڪريون ته هن چيو ته “ شهباز شريف جي گرفتاريءَ سان ڪهڙي قيامت برپا ٿيندي هن ملڪ ۾ ڀٽو ڦاهي چڙهيو ته جھرڪي به نه اڏامي….نواز شريف وٽ ٻه آپشن آهن اپيل ڪري يا سياسي پناھه وٺي شهباز شريف ڀٽي کان وڏو ليڊر ناهي اپوزيشن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نٿو اچي ”
شيخ رشيد کي خبر آهي ته ڀٽي جي قتل جو اثر هن رياست تي هن جي سياست تي ڪيترو پيو، هي ملڪ ان جو نقصان ڪيترو ڀوڳي چڪو آهي ۽ ڀوڳي رهيو آهي. جي ڀٽو زندھه هجي ها ته افغانستان جو ڪرائسس انهيءَ نهج تي هن ملڪ کي متاثر نه ڪري ها پر ملڪ ۽ عوام کان لاپراھه سوچ رکندڙ فرد اهو ناهن سوچيندا هنن جي دماغ ۾ اهوئي هوندو آ ته ري ايڪشن ڇا پيو ٿئي. هنن کي جھرڪي اڏامندي نظر نه آئي پوري سنڌ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي پر هنن کي جھرڪي اڏامندي نظر نه آئي، پنجاب جي ڪيترن جيالن پنهنجو پاڻ کي باھه ڏئي ساڙيو پر هنن کي ڪجھه به نظر نه آيو.
هن ملڪ جو سياسي مورال ڪيترو هيٺ لهي آيو ۽ ڀٽي جي ڦاهي کانپوءِ آمريتن جيڪا ويڌن هن ملڪ سان ڪئي جو پوري دنيا جا طنزيا جملا اهي ئي ٻڌڻ ۾ آيا ته هن ملڪ جا حڪمران ڪرائي تي هلندڙ آهن پر هنن کي سڀ ٺيڪ ئي نظر اچي پيو. انهن ۾ هنن جو جيڪو به رويو جڙيو آهي يا جڙي پيو انهيءَ ۾ وڏي کان وڏو ڪارڻ سياسي جماعتن جو اهو ڪردار آهي جيڪو اقتدار جي ذلت آميز ڪمپرومائيز جي نالي سان لکجي رهيو آهي تنهن ڪري اهڙي قسم جا بيان تنقيدون ۽ طنز سياسي جماعت جي ليڊرشپ جي لاءِ وڌ کان وڌ نه رڳو ڳالهايون وينديون پر جي ڪجھه وقت اها ذلت آميزي گذريندي رهي ته انهيءَ ۾ وڌيڪ شدت ايندي. پاڻ ان تي رڳو بحث ناهي ڪيو پر ميڊيا جي اندر گھڻ رخو بحث ٿي رهيو آهي ته هي سياسي پارٽين جي اندر جيڪا گروھه بندي ٿئي پئي انهيءَ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ مخالف ڌر جي مزاحمتي پاليسي ۽ ٻي مفاهمتي پاليسي جي ورڇ بلڪل سمجھي ۾ اچي ٿي پر خود پي ٽي آءِ جا پنهنجا پاسا ڪمزور ٿيندي جيڪي نظر پيا اچن انهن جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ رڳو جهانگير ترين گروپ جو ٺهڻ ناهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ ٻي صورتحال اها پيدا ٿي آهي ته بلوچستان مان اليڪٽيبل پرسن ثناءَ الله زهري ۽ (ريٽائرڊ جنرل)عبدالقادر بلوچ ن ليگ کي ڇڏڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ جي بجاءِ پ پ پ ۾ شامل ٿيا.
وڏو امڪان اهو پئي ڪڍيو ويو ته هي پ پ پ ۾ شريڪ نه ٿيندا، هاڻي به بلوچستان جي سياست ۾ اهوئي بحث هلي پيو ته انهن کي پ پ پ ۾ شامل ڪرايو ويو آهي. ڪجھه وقت کان پوءِ هي به ٻڌڻ ۾ ايندو ته پنجاب ۽ خاص ڪري سرائيڪي بيلٽ مان ڪيترائي اليڪٽبل پرسن پ پ پ جي طرف وڌندا يا وڌايا ويندا. جيڪڏهن معاملو ايئن ٿيو ته پوءِ ڪراچي ۾ اهي سيٽون جيڪي پي ٽي آءِ جي پکي ۾ نڪتيون انهن جو سڪو به بدلجي سگھي ٿو.
مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اليڪشن جي حڪمتِ عملي ٻڌائي پئي ته اپوزيشن ان گيم جي ٻڏتر ۾ رهندي پنهنجا ڪارڊ ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪا به حڪمتِ عملي تيار نه ڪندي ۽ خود پي ٽي آءِ جي اندر به اهو ئي تماشو ڪجھه وقت کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو. ان سڄي صورتحال کي آڏو رکندي نواز شريف جيڪو سگھاري طاقت جي اندر مان گھڻو واقف ۽ باخبر آهي اهو شهباز شريف کي سيڪنڊ لائين ڏيندي اڳتي وڌائڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي محسوس پيو ٿئي. اهو ممڪن ئي ناهي ته نواز شريف جي تضاد ۽ اختلاف بابت شهباز شريف لب ڪشائي ڪري. اهو امڪان نه پر سياسي تجزيي ڪندڙ مضبوط ڌر جو پورو پورو يقين آهي اختلاف ۽ ٺاھه ناراضگيون ۽ راضپا ٻڌائن پيا ته مخالف ڌر اهو سڀ ڪجھه تڏهن ڪري سگھندي جڏهن پنهجي مزاحمتي بيانيي کان ٻه قدم پوئتي هٽندي نظر ايندي. اقتدار جي دنيا جڏهن حوس ۽ هٻڇ ۾ داخل ٿيندي آهي تڏهن هڪ هزار مجبورين جا دليل پيش ڪرڻ شروع ڪندي آهي.
پاڻ “پنهنجي اخبار” ۾ اهو پهريان بحث ڪري چڪا آهيون ته هي سياسي جماعتون ڪڏهن به مزاحمتي ۽ سياسي تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ نه آهن، هي سياسي دٻاءُ وڌائڻ جي حڪمتِ عملي ته اختيار ڪري سگھن ٿيون پر عوامي طاقت سان جيڪڏهن پوري ڪايا پلٽ ڪنديون ته انهيءَ ۾ انهن جو پنهنجو ئي نقصان ٿيندو. ڪنٽرول سياست جو بنيادي نقطو اهوئي هوندو آهي ته پارٽي جو هڪ حد تائين پاپولر ووٽ برقرار رکجي ۽ ٻيو پاسو اليڪٽبل پرسن جو مضبوط ڪجي، باقي ٽئين حصي ۾ پوئلڳن جو هڪ اهڙو ٽولو هجي جيڪو اقتدار جي لڏڻ تي پارٽيءَ جي اندر ڪمدار ڪارڪن بڻجي نعرا هڻندا رهي. هن وقت پوري ملڪ جي اندر پوري سياست جي حڪمتِ عملي پارٽين جي اندر اها ئي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ اها ئي اختيار ڪئي ويندي. ممڪن آهي ته ڪجھه وقت کان پوءِ پي ڊي ايم کي وري سرگرم ڪيو وڃي پر ايترو ڪڏهن به نه ڪيو ويندو جو مفاهمت جا دروازا سوڙها ٿي وڃن. اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيڪڏهن ن ليگ مفاهمت جي طرف وڌندي مزاحمت کان ٻه قدم پوئتي ٿي ڪري ته پوءِ مولانا ۽ اچڪزئي وارا خاموش ڇو آهن؟ هن وقت ته بيانن جي سرگرمي به ايتري سرد ٿي وئي آهي جو مولانا گھٽ ئي پريس جي اڳيان نظر ٿو اچي پر ڇا اها حڪمتِ عملي يعني عوام کان ڪٽيل سياست ۽ عوام جي مسئلن تي خاموش رويو اختيار ڪرڻ مستقبل ۾ ان سياست جي زندھه رهڻ جا بنياد بڻائي سگھي ٿي.
يقينن نه هن وقت ملڪ جي اندر جيڪڏهن کاٻي ڌر يا عوام دوست سياست پنهنجي ٽٽل پرتن کي گڏ ڪري اڳتي قدم وڌائي ته صورتحال بلڪل ٽيون رخ اختيار ڪندي پر جيڪڏهن اها ئي خاموشي رهي ته حالتون وڌيڪ بحرانن کي جنم ڏينديون ۽ عوام انهيءَ اقتدار جي ڪمپرومائيز ۾ پيڙبو رهندو.