محرم راز … سنڌي سرائيڪي شام!

0
126
محرم راز ... تاريخ جي هٿان موت

ايندڙ هفتي يعني 4 فيبروري 2023ع تي “سنڌي سرائيڪي شام” جي عنوان سان هڪ ثقافتي ۽ ادبي ميڙاڪو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ ماٿري جي تهذيب ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي ويجهو آڻڻ آهي. ان ميڙاڪي جو آئيڊيا سنڌ جي تعليم، ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ سنڌ ماٿري جي ٻين قومن کي ان “شام” ۾ آندو ويندو ۽ پروگرامز منعقد ڪيا ويندا.

                 سنڌي سرائيڪي شام منعقد ڪرڻ لاءِ هڪ آرگنائزنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آرگنائزنگ ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر سنڌ منور علي مهيسر، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، نذير لغاري، شاهد جتوئي ۽ جهانگير مخلص شامل آهن. ان پروگرام جا چار سيشن ٿيندا. پهرين سيشن جي صدارت چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ڪندو ۽ ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليم، ثقافت ۽ سياحت سنڌ جو وزير سيد سردار علي شاهه به شرڪت ڪندا ۽ خطاب به ڪندا. سينيئر صحافي نذير لغاري پروگرام دوران مهمانن جي آجيان ڪندو، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر جاويد حسان چانڊيو ۽ جامي چانڊيو پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا. مونکي ان سيشن جي ڪمپيئرنگ جي ذميواري سونپي وئي آهي. ٻيو سيشن “سرائيڪي ۽ سنڌي وسيب جو تاريخي ڳانڍاپو” جي عنوان سان ٿيندو. جنهن ۾ ڊاڪٽر اشو لال “ سنڌ جي تهذيب، ثقافتي روايتن ۽ رسمن“ جي موضوع تي، رانا محبوب اختر “سنڌ ۽ سرائڪي وسيب جي صوفياڻي ۽ فڪري روايتن” جي موضوع تي، رفعت عباس “سنڌي ۽ سرائيڪي وسيب جو جديد ادب” جي موضوع تي، مدد علي سنڌي “سنڌي ۽ سرائيڪي جي تعلق جو تاريخي پس منظر” جي موضوع تي، تاج جويو “سنڌ ۾ سرائيڪي شاعري” جي موضوع تي ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجو “جديد سنڌي شاعري” تي تحقيقي مقالا پڙهندا. ٽيون سيشن سنڌي سرائيڪي مشاعري جو ٿيندو، جنهن ۾ سنڌي شاعرن ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اياز گل، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، رخسانه پريت، خليل ڪنڀار ۽ حاجي ساند جڏهن ته سرائڪي شاعرن ۾ عزيز شاهد، عاشق بزدار، اشو لال، رفعت عباس ۽ جهانگير مخلص پنهنجي شاعري ٻڌائيندا. چوٿون سيشن سنڌي سرائيڪي موسيقي بابت ٿيندو، جنهن ۾ سنڌي فنڪار شفيع فقير، نروڌا مالني ۽ وقار ملاح جڏهن ته سرائيڪي فنڪار ظهور احمد لوهار ۽ اسماء خان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

منهنجي خيال ۾ اهڙي طرح جي ادبي ۽ ثقافتي اجتماعن جي تمام پهريان کان ضرورت هئي ڇوته پاڪستان ۾ منصوبابندي تحت جهڙي طرح سڃاڻپ جو بحران ۽ ماڻهن ۾ اجنبي هئڻ جو احساس پيدا ڪيو ويو، ان جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي. دير آيا پر درست آيا جي چوڻي موجب سنڌي سرائيڪي شام سٺي شروعات آهي. اهڙي طرح پنجابين، بلوچن، پشتونن سان گڏوگڏ اردو، هندڪو، هزاره، پوٺوهاري ۽ ٻيون زبانون ڳالهائيندڙن سان به گڏيل ادبي ۽ ثقافتي پروگرامز ٿيڻ گهرجن. پاڪستان جن علائقن تي مشتمل آهي، اهي سمورا سنڌو ماٿري جو حصو آهن.  هي ماڻهو هزارين سالن کان هڪ ٻئي سان گڏ رهن پيا، هي ماڻهو سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب جا وارث آهن.

تاريخ جي مختلف دورن ۾ آيل حملي آورن هتي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولين کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي وحدت کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڌرتي جون ٻوليون اڄ به پنهنجو وجود برقرار رکيون پيون اچن ۽ سنڌو ماٿريءَ هر ڀيري پنهنجي وحدت بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پاڪستان جو معاملو بلڪل مختلف آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ماڻهن جي وجود، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولين جي نفي ڪئي وئي ۽ انهن کي تسليم نه ڪيو ويو. ايئن تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي. پاڪستان ۾ نه رڳو قومن، قوميتن، لساني ۽ نسلي گروهن کي هڪ ٻئي کان ويڳاڻو ڪيو ويو،  پر هر فرد کي پاڻ کان به ويڳاڻو ڪيو ويو. ان سان نه رڳو مجموعي طور سڃاڻپ جو بحران پيدا ٿيو، پر پاڪستان جو قومي سوال به اڄ تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.

سڃاڻپ جو بحران ۽ اجنبيت جو احساس ئي پاڪستان جي حقيقي حڪمران طبقي جي اصل طاقت آهي. تعليمي نصاب ۽ پروپيگنڊا ذريعي سڃاڻ جو بحران ۽ احساس اجنبيت کي وڌيڪ پختو ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾ هڪ نصابي مڊل ڪلاس مٿي اڀريو. جيڪو ٿنڪنگ ڊس آرڊر جو شڪار آهي ۽ غير قومي سوچ رکندڙ حقيقي حڪمران طبقي جي بيانيي کي  ميڪانڪي انداز ۾ ڦهلائڻ جو ڪم ڪندو آهي.

هي سنڌو ماٿريءَ جو انتهائي سنگين بحران آهي. ايتري تائين جو شناخت جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ قوم پرست به سياسي گمراهي کان نه بچي سگهيا. ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻو پوندو. ماڻهن ۾ احساس اجنبيت ختم ڪرڻي پوندي.  ماڻهو هڪ ٻئي جي تصديق ڪن ۽ هڪ ٻئي کي تسليم ڪن. ان سان فرد کي پنهنجو پاڻ کان ويڳاڻو ٿيڻ جو احساس ختم ٿيندو. ٿنڪنگ ڊس آرڊر ۽ نصابي ذهنيت کان نجات ملڻ ۾ به مدد ملندي. سنڌ جو تعليم ۽ ثقافت وارو وزير سيد سردار علي شاهه تمام پڙهيو لکيو شخص آهي ۽ هن جي اصل خوبي اها آهي ته هو خالص مقامي ماڻهو آهي. اهو پاڪستان جي سمورين زبانن جي شاعري، ادب ۽ تاريخ کان آگاهي رکندو آهي. ان حوالي سان مونکي سرائيڪي جي مشهور دانشور ۽ شاعر طارق اسماعيل احمداڻي جي ڪتاب “سرائيڪي لوڪ بيانيه” جو مهاڳ ياد اچي ويو آهي. جنهن جو عنوان آهي “مقامي آدمي جي ڳولا” هن جي ويجهو مقامي ماڻهو اهو آهي، جنهن جو پنهنجو بيانيو هجي، جيڪو هن جي ڌرتي ۽ سڃاڻپ سان جڙيل هجي. سنڌي سرائيڪي شام ان بيانيي کي بحال ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

سنڌي ۽ سرائيڪي ماڻهن وچ ۾ تمام گهرا ۽ تاريخي رشتا آهن. ٻنهي علائقن جا لينڊ اسڪيپ تقريبن هڪ جهڙا آهن. موسم به هڪ جهڙي آهي، نسلي طور تي به ماڻهو هڪ آهن، جيڪي ذاتيون سنڌ ۾ آهن، اهي سموريون سرائيڪي وسيب ۾ آهن. سنڌ جي وڏي آبادي سرائيڪي ڳالهائيندي آهي. سرائيڪي هونئن به سنڌو ماٿري جي رابطي جي زبان آهي. سنڌي زبان جي ڪيترن ئي شاعرن سرائيڪي ۾ شاعري ڪئي آهي. سچل سرمست ۽ حمل لغاري کان وٺي اڄ جي جديد شاعرن تائين هڪ ڊگهي فهرست آهي. 4 فيبروري تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب جا ماڻهو گڏبا ته هنن کي احساس ٿيندو ته انهن ۾ ڪابه اجنبيت نه آهي. اهڙي طرح پروگرام سان سنڌو ماٿري جي تاريخي تعلق جي تجديد ٿيندي. ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جو پنهنجو بيانيو جنم وٺندو ۽ اسان پنهنجي سنگين بحران کي منهن ڏئي سگهنداسين.