محرم راز … ارشاد راؤ صحافت ۽ سياست جي اعليٰ قدرن جو امين

0
276
محرم راز ... ارشاد راؤ صحافت ۽ سياست جي اعليٰ قدرن جو امين

 ارشاد راؤ به آخر رخصت ٿيو، ڪامريڊشپ جي ان روايت جو خاتمو ٿيو، جيڪا صرف ارشاد راؤ سان مخصوص هئي. اهو پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪ جي انهن ماڻهن ۾ شامل هو، جن جو نظرياتي بنياد تي طرز زندگي ڪلاسيڪي هو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل هو جن صحافت ۽ سياست جي اعليٰ اقدار ۾ وڏي حد تائين اضافو ڪيو، مان تقريبن هڪ سال هن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هن جي تمام ويجهو رهيس. اتي مان فيصلو ڪيو هو ته هاڻ مان صحافت ئي ڪندس. اهو جنرل ضياءُ الحق جو قهري دور هو. ارشاد راؤ جي مقبول رسالي “الفتح” کي هڪ ڀيرو وري بند ڪيو ويو هو. روزاني مساوات جي شايع ٿيڻ تي به پابندي هئي. 1985ع جي شروع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت فيصلو ڪيو ته ڪو اهڙو رسالو هئڻ گهرجي، جيڪا هنن جي ڳالهه ماڻهن تائين پهچائي، ڇوته مين اسٽريم ميڊيا تي سنسر شپ ۽ ايڊوائس جون تلوارون لڙڪي رهيون هيون. خيرپور مان سيد پرويز علي شاهه جيلاني مرحوم وٽ هفتيوار “جاويد” جو ڊڪليئريشن هو. ارشاد راؤ کي اها ذميواري ڏني وئي ته هو هفتيوار “جاويد” خيرپور کي ڪراچي مان شايع ڪري. ڪراچي جي علائقي نرسري ۾ ارشاد راؤ جي آفيس ۽ پريس هئي. اتان کان اهو رسالو شايع ٿيڻ شروع ٿيو. نذير لغاري مون کي ان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو، ناليوارو ترقي پسند شاعر خالد عليگ مرحوم ان جو ايڊيٽر هو ۽ مون کي نائب ايڊيٽر جي ذميواري سونپي وئي. رسالي لاءِ سمورو مواد جمع ڪرڻ جو ڪم مون کي ڪرڻو پوندو هو. ارشاد راؤ رسالي لاءِ وسيلن جي فراهمي، ان جي شايع ۽ ورهائڻ جي سمورن معاملن جي نگراني ڪندو هو.

هفتيوار “جاويد” باقاعدگي سان شايع ۽ تيزيءَ سان مقبول ٿيڻ لڳو هو. هن جي پهرين شماري جون شايد 500 ڪاپيون شايع ٿيون ۽ آخري شماري تائين ان جي سرڪيوليشن 10 هزار تائين پچي وئي هئي. محترمه بينظير ڀٽو جي اپريل 1986ع ۾ وطن واپسي لاءِ جيڪو سياسي ماحول بڻايو ويو هو، ان ۾ هفتيوار “جاويد” جو به اهم ڪردار آهي. اِهو اُهو زمانو هو جڏهن تحريڪ بحالي جمهوريت (ايم آر ڊي) جو ٻيو ڀرپور مرحلو جاري هو. مواد جي حوالي سان هي رسالو ڪو پارٽي آرگن (Organ) نه لڳندو هو، بلڪ هن ۾ ملڪي سياست سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي سياست، تاريخ، فلسفي، شاعري ۽ ادب جي حوالي سان عالماڻين تجويزن تي ٻڌل مضمون ۽ بحث ٿيندا هئا. رسالي جي مواد لاءِ ارشاد راؤ سان هروقت صلاح مشورو ٿيندو هو، ڏينهن جو اهو آفيس ۾ هوندو هو ۽ رات جو گهر مان ٽيليفون تي رابطي ۾ رهندو هو. هن جو ڪتابي مطالعو ڪافي وسيع هو. هن جي دانشوراڻي سوچ تمام بلند هئي ۽ هن کي پنهنجي دور جي حالتن جي مڪمل ۽ درست ڄاڻ هئي.

اسان جو اداري جو عملو صرف 3 ماڻهن تي لاڳاپيل هو. خالد عليگ، مان ۽ ناصر سوري، خالد عليگ صبح ۾ ايندو هو ۽ شام جو هليو ويندو هو، رات جو اسان ٻه ماڻهو ڪم ڪندا هئاسين يعني ناصر سوري ۽ مان. منهنجي رهائش به اتي هئي. اسان جو ناشتو، مانجهاندو ۽ شام جي ماني ۽ جڏهن ضرورت پوي چانهن ارشاد راؤ جي گهران ايندي هئي، جيڪو آفيس جي ويجهو هو. ارشاد راؤ هونئن ته پڇا ڪندو رهندو هو ته ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته ناهي پر اڪثر اهو بغير ٻڌائڻ جي هر اها شيءَ کڻي ايندو هو جيڪا هن جي گهر ۾ ٺهندي هئي. ان دوران مان محسوس ڪيو ته ارشاد راؤ سان جيڪي به ماڻهو ملڻ ايندا هئا، اهي هن جا نظرياتي دوست هوندا هئا ۽ هنن سان سندس سماجي رشتا هئا. ارشاد رائو جي ڳالهائڻ جو انداز دلڪش هو، ڳالهه ڳالهه تي تاڙي وڃائي ٽهڪ ڏيڻ هن جو تمام ئي دلڪش ۽ مخصوص انداز هو. بحث دوران مختصر جملي ۾ پوري دليل ڏيڻ جو فن صرف هن وٽ ئي هو. جيئن ته اهو ترقي پسند خيالن جو مزاحمتي صحافي هو پر هن هميشه بلند ترين صحافي معيارن جي پاسداري ڪئي ۽ صحافت کي جانبداري کاهيءَ ۾ ڪرڻ کان هميشه بچائي رکيو. اهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو ۽ پارٽي قيادت جي تمام ويجهو هو پر ڪو هن کي جانبدار صحافي نه چئي سگهندو هو.

جڏهن هفتيوار “جاويد” خيرپور گهڻو مقبول ٿيو ته اسان ارشاد راؤ جي آفيس جي ڀرپاسي تمام شڪي ماڻهن کي گهمندي ڏٺو. ارشاد راؤ کي به محسوس ٿيو ته ايجنسين جي ماڻهن جون سرگرميون وڌي ويون آهن. هو پاڻ جيئن ته ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هن کي خدشو هو ته ڪٿي ايجنسين جا ماڻهو خالد عليگ، شاهد جتوئي ۽ ناصر سوري کي به کڻي وڃن. ان لاءِ اهو رات جو دير تائين اسان سان گڏ ويهندو هو ۽ گهر وڃڻ کان پوءِ به صبح جي ٽي يا چار وڳي آفيس جو چڪر لڳائيندو هو ۽ چوڪيدار کان اسان جي خيريت معلوم ڪري واپس گهر هليو ويندو هو. هن چوڪيدار کي هدايت ڪئي ته ڪو مسئلو ٿئي ته هن کي فوري طور آگاهه ڪري. ايجنسين جون سرگرميون وڌيڪ وڌيون ته ارشاد راؤ ٻه ٽي ڏينهن گليءَ جي ڪنڊ تي موجود هوٽل ۾ ويهي رهيو ۽ ڏسندو رهيو ته گليءَ ۾ ڪهڙن شڪي ۽ اجنبي ماڻهن جي اچ وڃ آهي. اهي ماڻهو گليءَ جو هڪ ٻه چڪر لڳائڻ کانپوءِ ان هوٽل تي اچي ويهندا هئا، جتي ارشاد راؤ ٻن ٽن ڏينهن کان ويهندو هو. ارشاد راؤ هنن سان دوستي ڪرڻ ۽ هنن جو مقصد ڄاڻڻ ۾ گهڻي دير نه لڳائي. هن ڏينهن اهي ايجنسين جي ٻن ٽن اهلڪارن کي وٺي آفيس اچي ويو ۽ اسان سان تعارف ڪرايو. پوءِ ايئن ٿيو جو ايجنسين طرفان جن ماڻهن جي به ڊيوٽي لڳندي هئي، اهي اسان وٽ ئي ايندا، ارشاد راؤ جي گهران هنن لاءِ چانهه ۽ ماني اچڻ لڳي. ارشاد راؤ اسان کي ٻڌايو ته هي غريب اهلڪار آهن. انهن ويچارن کي پنهنجي رپورٽ لکڻي هوندي آهي، اهي گهٽ ۾ گهٽ اسان جي گرفتاري بابت اسان کي اڳواٽ آگاهه ته ڪري ٿا سگهن.

پنهنجي دور جا ناليوارا صحافي ۽ دانشور هفتيوار “جاويد” ۾ لکندا هئا. انهن ۾ محمود شام ۽ زاهده حنا به شامل هئا. شوڪت صديقي کان به مان ٻه آرٽيڪلز لکرايا هئا. ارشاد راؤ چوندو هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ کي فوڪس ڪيو وڃي ۽ ايم آر ڊي کي وڌيڪ ڪوريج ڏني وڃي. ارشاد راؤ ايم آر ڊي جي تشڪيل کي بيگم نصرت ڀٽو جو سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو قرار ڏنو هو. هن جو چوڻ هو ته بيگم نصرت ڀٽو انهن سياسي جماعتن کي ايم آر ڊي ۾ شامل ڪيو جيڪي ان کان اڳ ذوالفقار ڀٽو مخالف “پاڪستان قومي اتحاد” (پي اين اي) ۾ شامل هئا ۽ جن ضياءُ الحق جي مارشل لا جي راهه هموار ڪئي هئي. ايم آر ڊي ۾ شامل ٿي نه صرف اهي سياسي جماعتون جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويون بلڪ اهي ضياءُ الحق جي به مخالف ٿي ويون. ارشاد راؤ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن بيگم نصرت ڀٽو کي چيو ته پي اين اي وارين جماعتن کي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شامل نه ڪيو وڃي ڇو ته اهي ڀٽو جون قاتل آهن. ارشاد راؤ جو اهو به چوڻ هو ته اسان ڪجهه ماڻهو بيگم نصرت ڀٽو جي ان خيال جا حامي هئاسين ته ضياءُ الحق ۽ آمريت جي حامين کي ضياءُ الحق ۽ آمريت جو مخالف بڻايو وڃي ته اهو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهم ڪم هوندو. ارشاد راؤ جو اهو به موقف هو ته ايم آر ڊي پاڪستان جي بنيادي جمهوري ڌارا تشڪيل ڏني وڃي. ان ۾ شامل سياسي جماعتن کي اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن ٻيهر پنهنجو هٿيار نه ٺاهيندي. هن کي نوان ماڻهو ڳولڻا پوندا ۽ ٺاهڻا پوندا. ارشاد راؤ جي اها ڳالهه درست ثابت ٿي. اي آر ڊي جي تشڪيل لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ ارشاد راؤ جو اهم ڪردار رهيو آهي. ان حوالي سان اهو دلچسپ واقعا به ٻڌائيندو هو.

اهو هڪ سال جو عرصو منهنجي زندگي ۾ گهڻو اهم هو. مان ارشاد راؤ کان اهو سکيو ته صحافت صرف پيشو نه بلڪه اعليٰ مقصد آهي. اعليٰ مقصد ۾ بي ايماني، جانبداري، بدديانتي، بزدلي ۽ تنگ نظري هجي ته پوءِ اهو اعليٰ مقصد ناهي رهندو بلڪ مخصوص مقصد بڻجي ويندو آهي، جيڪو خصيص ماڻهن جو شيوو آهي. هفتيوار “جاويد” جي ڇپائي ڪراچي کان بند ٿيڻ کانپوءِ به ارشاد راؤ سان لاڳيتو رابطو رهيو. محبت ۽ احترام جو تعلق هميشه برقرار رهيو. جيئن ته ڪافي عرصي کان هن سان ملاقات نه ٿي هئي پر هن جي ڪمي محسوس نه ٿيندي هئي. هاڻي هن جي تمام گهڻي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي.