متحده ۽ ن ليگ سکر ۽ نوابشاهه ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪري ورتو

0
46

ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ سکر ۽ نوابشاهه ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪري ورتو، ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿي سگهي

نواز ليگ هائوس ۾ ٻنهي پارٽين جي وفدن وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون

متحده جي امين الحق چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف فنڪشنل ليگ ۽ جي يو آءِ سان گڏجي اتحاد ٺاهيو ويندو، سنڌ ۾ جنهن پارٽي اڪثريت سان سيٽون کنيون، وڏو وزير اُن جو ايندو، متحده ۽ نواز ليگ گڏجي سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت ٺاهينديون

هن چيو ته  اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو خالد مقبول ۽ شهباز شريف ڪندا، هن تڪ تي مصطفيٰ ڪمال ٻن مهينن کان چونڊ مهم هلائي رهيو آهي

نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿيو آهي، ڪجهه معاملي ٻئي پارٽيون پنهنجي قيادت ڏانهن اُماڻينديون

نواز ليگ اڳواڻ رانا مشهود چيو ته اعلان اهو آهي ته سنڌ ۾ جبر ۽ ڦرلٽ جي سياست ڪرڻ نه ڏني ويندي، سنڌ ۾ گهڻين پارٽين جو اتحاد ٺاهي رهيا آهيون، سنڌ جي عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو