ڪراچي( شوبز نيوز) پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي اداڪارا ۽ ماڊل ڪرن ملڪ چيو آهي ته مونکي هر ڪوئي ڀارتي اداڪارا انوشڪا شرما جي همشڪل قرار ڏيندو آهي. ڪرن ملڪ تازو ئي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. شو دوران اداڪارا ٻڌايو ته مونکي سينئر اداڪار ۽ فلم ساز شان شاهد طرفان پنهنجي فلم ضرار ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو ته سڀني ان تي تنقيد ڪئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته هر ڪوئي اهو سوال اٿاري رهيو هو ته مونکي اچانڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪيئن آڇ ٿي. هن شڪايت ڪندي چيو ته ماڻهن ايتري قدر به الزام لڳائي ڇڏيو ته آئون شان شاهد کي وڻڻ لڳي آهيان انڪري مونکي مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪرن ملڪ ٻڌايو ته سڀ ماڻهو چوندا آهن ته بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما وانگر لڳندي آهيان.