ماڊل والد جي لاش سان ڦوٽو شوٽ ڪرائي تنقيد جي ورچڙهي وئي

0
214
ماڊل والد جي لاش سان ڦوٽو شوٽ ڪرائي تنقيد جي ورچڙهي وئي
ماڊل والد جي لاش سان ڦوٽو شوٽ ڪرائي تنقيد جي ورچڙهي وئي

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) آمريڪا جي مشهور ماڊل والد جي لاش سان ڦوٽو شوٽ ڪرائي تنقيد جي ورچڙهي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ 20 ورهين جي جين رويرا جو والد فوت ٿي ويو،

ماڊل والد جي لاش واري تابوت اڳيان بيهي اسٽائل ڏئي ڦوٽو شوٽ ڪرايو، جين رويرا ڦوٽو شوٽ جون تصويرون پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئرڪيون جيڪي منٽن ۾ وائرل ٿي ويون،

تصويرون وائرل ٿيڻ بعد مداحن پاران سخت تنقيد شروع ٿي وئي جنهن بعد جين پنهنجو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه مداحن تنقيد ڪندي چيو ته ماڊل ڦوٽو شوٽ دوران بولڊ لباس پائي والد جي روح کي تڪليف ڏئي ڇاڪاڻ ته اهڙن مرحلن تي اولاد کي خوش ٿيڻ گهرجي پر جين ائين محسوس ڪرائي رهي هئي ڄڻ تمام گهڻي خوش آهي ۽ ان موقعي کي به پنهنجي شوق سان ملائي ڇڏيو