مانجهند ڀرسان 2 ڌار ڌار روڊ حادثا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي

0
275
مانجهند ڀرسان 2 ڌار ڌار

مانجھند  (ن پ ا) مانجهند ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي 2 ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾  عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ انب وٽ ڪراچي کان سيوھڻ طرف ويندڙ زائرين جي وين ڊرائيور جي غفلت سبب ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائٔيندي روڊ ڀرسان اونھي کاھي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 عورتن 4  ٻارڙن سميت 15 زائرين زخمي ٿي پيا

ٻي پاسي وري ساڳئي وقت کاسائي موڙ وٽ انڊس ھاءِ وي تي ڄامشورو کان لاڙڪاڻي طرف ويندڙ بولان ڪيري تيز رفتاري سبب ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڀرسان اونھي کاھي ۾ ڪري پئي

جنهن نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ٻنھي حادثن ۾ زخمي ٿيلن ۾  افضل وسيم، جاويد، زينب، زيب، ڪشف، روحان، تراب، علي،  قاسم، فائزا، نگھت، زينب النسا، فضا، مبشره، عليشه، سھراب، ريحان ۽ زخمي ٿي پيا

ٻنھي روڊ حادثن ۾ موٽروي پوليس  نھ پھچڻ سبب زخمي تڙپندي رھيا جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو  منتقل ڪيو

موٽروي پوليس جي طرت نه پھچڻ تي ڳوٺاڻن جو شڪايتون ته موٽروي پوليس  حادثي ۾ جلدي نٿي پھچي جنهن ڪري زخمي ھر دفعا تڙپندي تڙپندي فوت ٿي وڃن ٿا،  انتظاميه جي نااھلي جو نوٽيس ورتو وڃي

ھي به پڙھندا

بخشاپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 25 زخمي